ڳاڻاٽو 5:27 - Sindhi Bible27 ۽ جڏهن هو کيس اهو پاڻي پياريندو، تڏهن هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن هوءَ ناپاڪ ٿي هوندي، ۽ مڙس جي برخلاف ڏوهہ ڪيو هوندائين، تہ اهو لعنت پيدا ڪندڙ پاڻي سندس پيٽ ۾ وڃي ڪؤڙو ٿي پوندو، ۽ سندس پيٽ سڄي پوندو، ۽ سندس ران سڙي ڳري ڪري پوندي، ۽ اها زال پنهنجيءَ قوم ۾ لعنتي ٿيندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible27 جيڪڏهن اها عورت پنهنجي مڙس هوندي زنا ڪرائي پاڻ کي پليت ڪيو هوندو، تہ اهو لعنت آڻيندڙ پاڻي انهيءَ عورت جي پيٽ ۾ سخت تڪليف پيدا ڪندو ۽ هوءَ اوٽينپٽي ٿي پوندي ۽ سندس پيٽ سڄي پوندو. اهڙيءَ طرح اها عورت پنهنجيءَ قوم ۾ لعنتي بڻجي ويندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو جي مصر جي زمين ۾ رهڻ لاءِ اوڏي وڃڻ واسطي تيار ٿيا آهن، تن کي آءٌ پڪڙيندس ۽ اُهي سڀ ناس ڪيا ويندا؛ مصر جي ئي ملڪ ۾ اُهي ڪرندا؛ اُهي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ناس ڪيا ويندا؛ تمام ننڍي کان وٺي تمام وڏي تائين، هو ترار سان، ۽ ڏڪار سان مرندا: ۽ اُهي نفرت، ۽ حيرت، ۽ لعنت، ۽ ملامت جو سبب ٿيندا.