Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 5:25 - Sindhi Bible

25 تنهن کان پوءِ ڪاهن انهيءَ زال جي هٿ مان غيرت واري کاڌي جي قرباني وٺي، ۽ اها خداوند جي حضور ۾ لوڏي قربانگاهہ تي آڻي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 پهريائين ڪاهن انهيءَ عورت جي هٿ مان غيرت واسطي اناج جي قرباني کڻي مون خداوند جي حضور ۾ بلند ڪري قربان‌گاهہ تي آڻي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 5:25
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي سڀ هارون ۽ سندس پٽن جي هٿن تي رکج، ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ لوڏي، لوڏڻ جي قرباني ڪج.


پوءِ هن اهي سڀ شيون هارون ۽ سندس پٽن جي هٿن تي رکيون، ۽ خداوند جي حضور ۾ لوڏي، لوڏڻ جي قرباني ڪيائين.


تہ پوءِ اهو ماڻهو پنهنجيءَ زال کي ڪاهن وٽ وٺي اچي، ۽ انهيءَ جي طرفان جوَن جي اٽي جي هڪڙي ايفہ جي ڏهين حصي جيترو نذر طور کڻي اچي، ۽ انهي جي مٿان نڪي تيل وجهي نڪي لوبان رکي؛ ڇالاءِ جو اها غيرت جي واسطي کاڌي جي قرباني آهي، يعني يادگيريءَ جي لاءِ کاڌي جي قرباني آهي، جا گناهہ جي يادگيري ٿي ڏياري.


پوءِ ڪاهن انهيءَ زال کي خداوند جي حضور ۾ بيهاري ۽ سندس مٿي جا وار ڇوڙائي ڇڏي، ۽ يادگيريءَ واري کاڌي جي قرباني سندس هٿن تي رکي، جا غيرت جي کاڌي جي قرباني آهي، ۽ ڪاهن پنهنجي هٿ ۾ اهو ڪؤڙو پاڻي کڻي، جو لعنت پيدا ٿو ڪري؛


پوءِ اهو پاڻي جو لعنت پيدا ٿو ڪري، سو انهيءَ زال کي پياري، ۽ اهو لعنت پيدا ڪندڙ پاڻي انهيءَ زال جي پيٽ ۾ وڃي ڪؤڙو ٿي پوندو.


۽ ڪاهن انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان هڪڙي مٺ ڀري يادگيريءَ جي لاءِ قربانگاهہ تي ساڙي، ۽ پوءِ زال کي اهو پاڻي پياري ڇڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ