23 پوءِ ڪاهن اهي لعنتون هڪڙي ڪتاب ۾ لکي، انهي کي هن ڪؤڙي پاڻيءَ ۾ ڌوئي.
23 پوءِ ڪاهن اهي لعنتون لکي انهن کي آزمائڻ واري پاڻيءَ ۾ ڌوئي.
خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس آءٌ هن هنڌ تي ۽ جيڪي اتي رهن ٿا، تن تي خرابي آڻيندس، يعني جيڪو ڪتاب هنن يهوداہ جي بادشاهہ جي اڳيان پڙهيو آهي، تنهن ۾ جيڪي لعنتون لکيل آهن، سي آڻيندس:
شل ڪو منهنجي ٻڌڻ وارو هجي ها تہ چڱو! (ڏسو، اِجهو منهنجو دستخط، ڀلي تہ قادر مطلق مون کي ورندي ڏئي؛) ۽ جيڪا تهمت منهنجي دشمن لکي آهي سا جي مون وٽ هجي تہ چڱو!
اي خدا پنهنجيءَ ٻاجهہ موجب مون تي رحم ڪر: پنهنجي گهڻي رحم موجب منهنجا گناهہ مٽائي ڇڏ.
منهنجن گناهن کان پنهنجو منهن ڦيراءِ، ۽ منهنجون سڀ بڇڙايون مٽائي ڇڏ.
پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ اها ڳالهہ يادگيري جي لاءِ هڪڙي ڪتاب ۾ لکي ڇڏ.
آءٌ هائو آءٌ، اهو آهيان جو پنهنجي خاطر تنهنجون خطائون مٽائي ٿو ڇڏيان؛ ۽ آءٌ تنهنجا گناهہ ياد نہ ڪندس.
مون تنهنجون خطائون گهاٽي ڪڪرن وانگي، ۽ تنهنجا گناهہ بادل وانگي ميساري ڇڏيا آهن: مون ڏانهن ڦر؛ ڇالاءِ جو مون تنهنجو عيوضو ڏنو آهي.
۽ هي پاڻي جو لعنت ٿو پيدا ڪري، سو تنهنجن آنڊن ۾ وڃي تنهنجو پيٽ سڄائي، ۽ تنهنجيءَ ران کي ساڙي ڳاري ڪيرائي ڇڏي: ۽ اها زال چوي، آمين.
پوءِ اهو پاڻي جو لعنت پيدا ٿو ڪري، سو انهيءَ زال کي پياري، ۽ اهو لعنت پيدا ڪندڙ پاڻي انهيءَ زال جي پيٽ ۾ وڃي ڪؤڙو ٿي پوندو.
تنهنڪري اوهين توبهہ ڪريو، ۽ ڦري اچو، تہ اوهان جا گناهہ ميٽجي وڃن، ۽ انهي طرح خداوند جي حضور مان تازگيءَ جا ڏينهن اچن؛
تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجي لاءِ هي گيت لکو، ۽ اهو تون بني اسرائيل کي سيکار: ۽ کين ياد ڪراءِ تہ ڀلي اهو گيت بني اسرائيل تي منهنجي پاران شاهد هجي.
۽ مون سڀني مُئلن، وڏن توڙي ننڍن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو؛ ۽ ڪتاب کوليا ويا: ۽ هڪڙو ٻيو ڪتاب جو زندگيءَ جو ڪتاب آهي سو کوليو ويو. ۽ جيڪي ڳالهيون انهن ڪتابن ۾ لکيل هيون، تن موجب سندن ڪمن موافق مُئلن جو انصاف ڪيو ويو.