Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 5:21 - Sindhi Bible

21 تہ ڪاهن انهيءَ زال کي لعنت جو قسم ڏئي، ۽ چويس تہ پوءِ شل خداوند تنهنجيءَ ران کي ساڙي ڳاري ڪيرائي ڇڏي، ۽ تنهنجي پيٽ کي سڄائي؛ جنهن ڪري تون پنهنجيءَ قوم ۾ لعنت ۽ قسم جو مثال بڻجين؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 تہ پوءِ شل خداوند تو کي اوٽي‌نپٽي ڪري ۽ تنهنجو پيٽ سُڄائي ڇڏي ۽ تنهنجي پنهنجيءَ قوم جا ماڻهو تو تي لعنت ۽ ڦٽڪار وجھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 5:21
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ توکي آنڊن جي مرض جي ڪري هڪڙي وڏي بيماري ٿيندي، جنهنڪري روز بروز انهيءَ بيماريءَ جي ڪري تنهنجا آنڊا ڪِري پوندا.


اُهي پنهنجن ڀائرن ۽ پنهنجن اميرن سان شامل ٿيا، ۽ لعنت، ۽ قسم ۾ شامل ٿيا، تہ خدا جي انهيءَ شريعت تي هلنداسين، جا خدا جي ٻانهي موسيٰ ڏني هئي، ۽ خداوند اسان جي خدا جي سڀني حڪمن، ۽ فيصلن ۽ قاعدن کي مڃينداسين ۽ انهن تي هلنداسين؛


انصاف واري جي يادگيري برڪت واري آهي: پر شرير جو نالو سڙي ڪِنو ٿيندو.


۽ اوهين پنهنجو نالو منهنجن چونڊيلن جي لاءِ لعنت وانگي ڇڏيندا، ۽ خداوند خدا توکي قتل ڪندو؛ ۽ هو پنهنجن بندن کي ٻئي نالي سان سڏيندو؛


۽ يهوداہ جا جيڪي قيدي بابل ۾ آهن سي سڀ هنن تان هڪڙو لعنت جو مثال بنائيندا، ۽ چوندا، تہ شل خداوند توکي صدقياہ جهڙو ۽ اخي اب جهڙو ڪري، جن کي بابل جي بادشاهہ باهہ تي ڪباب ڪيو.


۽ جڏهن هو کيس اهو پاڻي پياريندو، تڏهن هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن هوءَ ناپاڪ ٿي هوندي، ۽ مڙس جي برخلاف ڏوهہ ڪيو هوندائين، تہ اهو لعنت پيدا ڪندڙ پاڻي سندس پيٽ ۾ وڃي ڪؤڙو ٿي پوندو، ۽ سندس پيٽ سڄي پوندو، ۽ سندس ران سڙي ڳري ڪري پوندي، ۽ اها زال پنهنجيءَ قوم ۾ لعنتي ٿيندي.


تڏهن هو لعنت وجهڻ ۽ قسم کڻي چوڻ لڳو تہ آئون هن ماڻهو کي سڃاڻان ئي ڪين. ۽ اُنهي دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني.


۽ يشوع انهي وقت قسم ڏيئي چيو، تہ جيڪو ماڻهو اُٿي هي شهر يريحو وري ٻڌندو، سو خداوند جي اڳيان لعنتي ٿيندو؛ ۽ انهيءَ جي بنياد لاءِ پنهنجي پهرين ڄاول ٻار جي قرباني ڏيڻي پونديس، ۽ انهي جا دروازا پنهنجي سڀ کان ننڍي پٽ جي موت تي اڏيندو.


۽ اسرائيل جا ماڻهو انهي ڏينهن ڏاڍي تڪليف ۾ هئا: پر سائول ماڻهن کي قسم ڏيئي چيو تہ لعنت هجي انهي ماڻهوءَ تي جو اڄ شام تائين کاڌو کائي، جيستائين ڪ آءٌ پنهنجن دشمنن کان وير نہ وٺان. تنهنڪري ماڻهن مان ڪنهن بہ کاڌو نہ چکيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ