Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 5:18 - Sindhi Bible

18 پوءِ ڪاهن انهيءَ زال کي خداوند جي حضور ۾ بيهاري ۽ سندس مٿي جا وار ڇوڙائي ڇڏي، ۽ يادگيريءَ واري کاڌي جي قرباني سندس هٿن تي رکي، جا غيرت جي کاڌي جي قرباني آهي، ۽ ڪاهن پنهنجي هٿ ۾ اهو ڪؤڙو پاڻي کڻي، جو لعنت پيدا ٿو ڪري؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 پوءِ ڪاهن مون خداوند آڏو انهيءَ عورت جي مٿي جا وار ڇوڙي ڇڏي ۽ اناج جي قرباني سندس هٿن تي رکي، جيڪا غيرت جي واسطي گناهہ ظاهر ٿيڻ لاءِ اناج جي قرباني آهي. ان بعد ڪاهن پنهنجي هٿ ۾ اهو آزمائڻ وارو پاڻي کڻي جيڪو لعنت آڻي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 5:18
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ان جي پڇاڙي زهر جهڙي ڪَڙي، ۽ ٻہ منهين ترار جهڙي تکي آهي.


۽ مون موت کان بہ ڪَڙي شيءِ لڌي، يعني زال، جنهن جي دل ڦندا ۽ ڄار آهي، ۽ جنهن جا هٿ هٿڪڙيون آهن: جنهن مان خدا راضي هوندو سو ئي انهي کان بچي نڪرندو: پر گنهگار کي هوءَ وٺي ويندي.


ڏس، منهنجي سلامتيءَ جي لاءِ مون ايتري تڪليف سٺي: پر منهنجي روح سان محبت هئڻ جي ڪري، تو انهيءَ کي خرابيءَ جي کڏ کان ڇڏايو آهي؛ ڇالاءِ جو تو منهنجا سڀ گناهہ پنهنجي پٺيان اُڇلائي ڇڏيا آهن.


خداوند، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ خود تنهنجي شرارت توکي سيکت ڏيندي، ۽ تنهنجون ڪوتاهيون توکي ملامت ڪنديون: تنهن ڪري ڄاڻ ۽ ڏس، تہ تو جو خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ توکي منهنجو ڊپ ڪونهي، سو اها هڪڙي خراب ۽ ڪَرڙي ڳالهہ آهي.


جنهن ڪوڙهئي کي اهڙو مرض هجي، سو ڦاٽل ڪپڙا پائي، ۽ مٿي اُگهاڙو گهمي، ۽ پنهنجو مٿيون چپ ڍڪي ڇڏي، ۽ وڏي سڏ چوي، تہ ناپاڪ، ناپاڪ.


تہ پوءِ اهو ماڻهو پنهنجيءَ زال کي ڪاهن وٽ وٺي اچي، ۽ انهيءَ جي طرفان جوَن جي اٽي جي هڪڙي ايفہ جي ڏهين حصي جيترو نذر طور کڻي اچي، ۽ انهي جي مٿان نڪي تيل وجهي نڪي لوبان رکي؛ ڇالاءِ جو اها غيرت جي واسطي کاڌي جي قرباني آهي، يعني يادگيريءَ جي لاءِ کاڌي جي قرباني آهي، جا گناهہ جي يادگيري ٿي ڏياري.


۽ ڪاهن هڪڙي ٺڪر جي ٿانو ۾ پاڪ پاڻي کڻي، ۽ عبادت واري خيمي جي فرش تان مٽي کڻي انهي پاڻيءَ ۾ وجهي.


۽ انهيءَ زال کي قسم کڻائي چوي تہ جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو توسان نہ ستو آهي، ۽ جي تون مڙس هوندي گمراهہ ٿي ناپاڪ نہ ٿي آهين؛ تہ هي ڪؤڙو پاڻي، جو لعنت پيدا ٿو ڪري، تنهن جي اثر کان بچيل آهين.


۽ هي پاڻي جو لعنت ٿو پيدا ڪري، سو تنهنجن آنڊن ۾ وڃي تنهنجو پيٽ سڄائي، ۽ تنهنجيءَ ران کي ساڙي ڳاري ڪيرائي ڇڏي: ۽ اها زال چوي، آمين.


پر جيڪڏهن زال جا وار ڊگها هوندا تہ اها سندس زينت آهي، ڇالاءِ جو وار هن کي پردي لاءِ ڏنا ويا آهن.


جيڪا زال چادر نٿي ڍڪي، سا وار بہ ڪترائي؛ پر جيڪڏهن زال جي لاءِ وار ڪترائڻ شرم جي ڳالهہ آهي، تہ چادر ڍڪي.


سو ائين نہ ٿئي تہ اوهان ۾ ڪو اهڙو مرد، يا زال، يا خاندان، يا قبيلو هجي، جنهن جي دل اڄوڪي ڏينهن خداوند اسان جي خدا کان ڦري وڃي، ۽ وڃي انهن قومن جي معبودن جي عبادت ڪري؛ متان اوهان منجهہ ڪا اهڙي پاڙ هجي جا پتي ۽ گوماندر جهڙو ڪؤڙو ڦل ڏئي؛


سڀني کي سمجهڻ گهرجي تہ شادي وڏي عزت جي ڳالهہ آهي، ۽ بسترو بي داغ رهي؛ ڇالاءِ جو زناڪارن ۽ حرامڪارن کي خدا سزا ڏيندو.


پوءِ سموئيل چيو تہ اوهين عماليقين جي بادشاهہ اجاج کي هيڏي مون وٽ وٺي اچو. ۽ اجاج ٻڏندو ترندو هن وٽ آيو. ۽ اجاج چيو تہ موت جي تلخي ضرور لنگهي ويئي هوندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ