Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 5:15 - Sindhi Bible

15 تہ پوءِ اهو ماڻهو پنهنجيءَ زال کي ڪاهن وٽ وٺي اچي، ۽ انهيءَ جي طرفان جوَن جي اٽي جي هڪڙي ايفہ جي ڏهين حصي جيترو نذر طور کڻي اچي، ۽ انهي جي مٿان نڪي تيل وجهي نڪي لوبان رکي؛ ڇالاءِ جو اها غيرت جي واسطي کاڌي جي قرباني آهي، يعني يادگيريءَ جي لاءِ کاڌي جي قرباني آهي، جا گناهہ جي يادگيري ٿي ڏياري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 انهن ٻنهي حالتن ۾ ماڻهو پنهنجيءَ زال کي ڪاهن وٽ وٺي اچي. هو پنهنجيءَ زال جي طرفان هڪ ڪلوگرام جوَن جو اٽو بہ نذر طور کڻي اچي. هو انهيءَ اٽي جي مٿان نڪي تيل پئٽي، نڪي لوبان رکي، ڇاڪاڻ تہ اها غيرت جي واسطي اناج جي قرباني آهي جيڪا گناهہ ظاهر ٿيڻ لاءِ ڏني وڃي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 5:15
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن زال ايلياہ کي چيو تہ، اي خدا جا ٻانها منهنجو توسان ڪهڙو ڪم آهي؟ تون مون وٽ انهيءَ لاءِ آيو آهين ڇا تہ منهنجو گناهہ ياد ڏيارين ۽ منهنجو پٽ مارين!


۽ اها هنن جي لاءِ سندن نظر ۾ اجائي فال ٿيندي، جن سندن لاءِ قسم کنيا آهن: پر هو گناهہ کي ياد ٿو ڪري تہ هو پڪڙيا وڃن.


۽ اُها وري ڪڏهن بہ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ ويساهہ جوڳي نہ ٿيندي تہ بدڪاري ياد ڏياري، جڏهن هو انهن ڏانهن ڦري نهاريندا: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند خدا آهيان.


تڏهن مون اهڙي زال چانديءَ جا پندرهن سڪا، ۽ جَوَن جو ڏيڍ خومر ڏئي خريد ڪئي:


بني اسرائيل کي چئُہ، تہ جڏهن اوهان مان ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ قرباني چاڙهي، تڏهن اوهين پنهنجي قرباني، چوپائي مال مان، يعني ڍورن ۽ ڌڻن مان آڻجو.


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ کاڌي جي قرباني پيش ڪري، تہ انهي جي قرباني ميدي جي هئڻ گهرجي؛ هو انهي تي تيل اوتي ۽ مٿس لوبان رکي:


پر جيڪڏهن هن کي ٻن ڳيرن يا ڪبوترن جي ٻن ٻچن جي بہ وسعت نہ هجي، تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ ايفہ جي ڏهين حصي جيترو ميدو، گناهہ جي قرباني طور آڻي: هو انهي تي تيل نہ وجهي، نڪي مٿس لوبان رکي: ڇالاءِ جو اها گناهہ جي قرباني آهي.


پوءِ ڪاهن انهيءَ زال کي ويجهو آڻي، خداوند جي حضور ۾ بيهاري؛


پر هنن قربانين جي ڪري سال بسال گناهن جي يادگيري ٿي پوي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ