13 ۽ ٻيو ڪو ماڻهو انهيءَ سان سمهي، ۽ انهيءَ ڳالهہ جي هن جي مڙس کي خبر نہ هجي، ۽ اها ڳالهہ کانئس لڪائي وڃي، ۽ هوءَ پليت ٿئي، پر هن جي برخلاف ڪو شاهد نہ هجي، ۽ نڪي ڏوهہ ڪندي پڪڙي هجي؛
اهڙو ساڳيو زنا ڪندڙ زال جو رستو آهي، هوءَ کائي ٿي، ۽ پنهنجو وات اُگهي ٿي، ۽ چوي ٿي تہ مون ڪوبہ خراب ڪم نہ ڪيو آهي.
هو پاڻ سان ناڻي جي ڳوٿري کڻي ويو آهي؛ هو ڀرئي چنڊ گهر ايندو.
اوهين پنهنجي ترار تي بيهو ٿا، اوهين ڪراهت جهڙا ڪم ڪريو ٿا، ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال کي خراب ڪري ٿو: پوءِ بہ اوهين انهي زمين جا مالڪ ٿيندا ڇا؟
تون پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال سان زنا ڪري، پاڻ کي انهيءَ سان پليت نہ ڪج.
۽ جيڪو ٻئي ماڻهوءَ جي زال سان زنا ڪندو، يعني جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال سان زنا ڪندو، تہ اهو زناڪار مرد ۽ اُها زناڪار زال ٻئي ضرور ماريا ويندا.