Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 4:47 - Sindhi Bible

47 ۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي پنجاهہ ورهين جي عمر تائين جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ بار کڻڻ جي ڪم لاءِ خدمت ۾ شامل ٿيا، تن سڀني جو شمار ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 4:47
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو دائود جي آخري حڪم موجب ويهن ورهين ۽ ان کان مٿي عمر جا بني لاوي شمار ڪيا ويا هئا.


۽ ٽيهن ورهين ۽ انهيءَ کان مٿي عمر وارا لاوي ڳڻيا ويا: ۽ انهن جو شمار هڪ هڪ ماڻهو ڪري اٺٽيهہ هزار ٿيو.


۽ جڏهن هارون ۽ سندس پٽ، پاڪ مڪان ۽ انهي جي سامان کي ڍڪي بس ڪن، ۽ ڪوچ ڪرڻ جو وقت اچي، تڏهن قهات جا پٽ انهي جي کڻڻ لاءِ اچن: پر هو پاڪ مڪان کي نہ ڇهن متان مري پون. جماعت واري تنبوءَ مان اهي شيون قهات جي پٽن کي کڻڻيون آهن.


۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي، پنجاهہ ورهين جي عمر تائين، جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ خدمت ۾ شامل ٿين، تن سڀني جو شمار ڪريو.


۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي پنجاهہ ورهين جي عمر تائين جيڪو جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ خدمت ۾ شامل ٿئي، تن سڀني جو شمار ڪر.


سو بني قهات جي خاندانن مان جن جو شمار ڪيو ويو، يعني جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ خدمت ڪندا هئا، سي اهي ئي آهن، جن جو موسيٰ جي هٿان موڪليل، خداوند جي حڪم موجب، موسيٰ ۽ هارون شمار ڪيو.


سو لاوين مان جيڪي شمار ڪيا ويا، يعني جن جو موسيٰ، ۽ هارون، ۽ اسرائيل جي سردارن، سندن خاندانن ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪيو،


سو انهن مان جن جو اهڙيءَ طرح شمار ڪيو ويو، سي مڙيئي اٺ هزار پنج سؤ ۽ اسي هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ