46 سو لاوين مان جيڪي شمار ڪيا ويا، يعني جن جو موسيٰ، ۽ هارون، ۽ اسرائيل جي سردارن، سندن خاندانن ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪيو،
۽ ٽيهن ورهين ۽ انهيءَ کان مٿي عمر وارا لاوي ڳڻيا ويا: ۽ انهن جو شمار هڪ هڪ ماڻهو ڪري اٺٽيهہ هزار ٿيو.
۽ انهن کي بہ، جي ڪاهنن جي ابن جي گهراڻن موافق سندن نسب نامي موجب شمار ڪيا ويا هئا، ۽ انهن لاوين کي بہ، جي ويهن ورهين جي عمر جا ۽ ان کان مٿي هئا، ۽ حصن موجب پنهنجي واري سان ڪم ڪندا هئا؛
سو بني مراريءَ جي خاندانن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي اِهي ئي آهن، جن جو موسيٰ جي معرفت موڪليل، خداوند جي حڪم موجب، موسيٰ ۽ هارون شمار ڪيو.
۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي پنجاهہ ورهين جي عمر تائين جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ بار کڻڻ جي ڪم لاءِ خدمت ۾ شامل ٿيا، تن سڀني جو شمار ڪيائون.