45 سو بني مراريءَ جي خاندانن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي اِهي ئي آهن، جن جو موسيٰ جي معرفت موڪليل، خداوند جي حڪم موجب، موسيٰ ۽ هارون شمار ڪيو.
۽ تون مراريءَ جي پٽن جو بہ سندس خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب حساب ڪر.
يعني انهن مان جن جو اهڙيءَ طرح سندن خاندانن موجب شمار ڪيو ويو، سي مڙيئي ٽي هزار ۽ ٻہ سؤ هئا.
سو لاوين مان جيڪي شمار ڪيا ويا، يعني جن جو موسيٰ، ۽ هارون، ۽ اسرائيل جي سردارن، سندن خاندانن ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪيو،