36 ۽ انهن مان جن جو اهڙيءَ طرح سندن خاندانن موجب شمار ڪيو ويو، سي مڙيئي ٻہ هزار ست سؤ ۽ پنجاهہ هئا.
۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي پنجاهہ ورهين جي عمر تائين، جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ خدمت ۾ شامل ٿيا، تن سڀني جو شمار ڪيائون؛
سو بني قهات جي خاندانن مان جن جو شمار ڪيو ويو، يعني جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ خدمت ڪندا هئا، سي اهي ئي آهن، جن جو موسيٰ جي هٿان موڪليل، خداوند جي حڪم موجب، موسيٰ ۽ هارون شمار ڪيو.