Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 4:32 - Sindhi Bible

32 ۽ انهي جي آس پاس واري اڱڻ جا ٿنڀ، ۽ انهن جا کوپا، ۽ انهن جون ڪليون، ۽ انهن جا رسا، سڀني اوزارن ۽ خدمت جي سامان سميت، اهي ئي کڻن. مطلب تہ جيڪي بہ اوزار انهن کي کڻڻا هجن، سي اوهين ناليوار انهن جي ذمي ڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 انهيءَ جي چوگرد واري اڱڻ جا ٿنڀا، انهن جا پاوا، ڪليون، رسا، سڀيئي اوزار ۽ اهي سڀ شيون جيڪي انهيءَ سان واسطو رکن ٿيون، سي بني مراري ئي کڻن. مطلب تہ جيڪي شيون انهن کي کڻڻيون آهن، سي ناليوار انهن جي ذمي ڪيون وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 4:32
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن مان ڪي سامان تي، ۽ پاڪ جاءِ جي سڀني ٿانوَن تي، ۽ ميدي ۽ شراب، ۽ تيل، ۽ لوبان ۽ مصالحن تي مقرر هوندا هئا.


انهي خيمي جو نمونو ۽ انهي جي ٻئي سامان جو نمونو، جيئن آءٌ توکي ڏيکاريان، تيئن ئي اوهين جوڙيو.


۽ تون خيمي جو اڱڻ جوڙج: ڏکڻ واري پاسي ڏکڻ ڏانهن اڱڻ جي لاءِ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جون قناتون هجن؛ انهن جي ڊيگهہ هڪ سؤ هٿ هجي:


۽ ٿنڀن جا کوپا پتل جا هئا، ۽ ڪنڍا، ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هئا؛ ۽ انهن جي چوٽيءَ تي چانديءَ جو پٽ چاڙهيل هو؛ ۽ اڱڻ جي سڀني ٿنڀن کي چانديءَ جا بند پيل هئا.


عبادت جي خيمي، يعني شاهديءَ جي خيمي جو تفصيل اهو آهي: جيڪي شيون موسيٰ جي حڪم موجب لاوين جي خدمت لاءِ هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هٿان شمار ڪيون ويون،


۽ عبادت واري خيمي جا تختا، ۽ انهي جا گز، ۽ انهي جا ٿنڀ، ۽ انهي جا کوپا، ۽ انهي جا سڀ اوزار، ۽ انهي جي خدمت جو سڀ ڪم، بني مراريءَ جي ذمي رهي.


۽ هو جماعت واري تنبوءَ جي سموري سامان جي، ۽ بني اسرائيل جي ساريءَ امانت جي نگهباني ڪن، انهي لاءِ تہ عبادت جي خيمي جي خدمت ڪندا رهن.


۽ جماعت واري تنبوءَ ۾ خدمت ڪرڻ ۽ بار کڻڻ لاءِ هنن جو هي ڪم آهي: تہ هو عبادت جي خيمي جا تختا ۽ انهي جا گز، ۽ انهي جا ٿنڀ، ۽ انهن جا کوپا،


جماعت واري تنبوءَ ۾ بني مراريءَ جي خاندانن جو، هر ڪنهن قسم جي خدمت موافق، هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هٿ هيٺ اهوئي ڪم آهي.


اهي خداوند جي حڪم موجب، پنهنجي پنهنجي خدمت، ۽ بار کڻڻ جي ڪم موجب، موسيٰ جي هٿان شمار ڪيا ويا: انهيءَ طرح جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن هن انهن جو شمار ڪيو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ عبادت وارو خيمو کڙو ڪري چڪو، ۽ انهي کي، ۽ انهي جي سموري سامان کي مسح ڪري پاڪ ڪيائين، ۽ قربانگاهہ کي، ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي بہ مسح ڪري پاڪ ڪيائين؛


۽ چار گاڏيون ۽ اٺ ڏاند، بني مراريءَ کي سندن خدمت موجب ڏنائين. هن اهي سڀيئي هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هٿ هيٺ ڏنا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ