Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 4:23 - Sindhi Bible

23 ۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي پنجاهہ ورهين جي عمر تائين جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ شامل ٿين، تن سڀني جو شمار ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 جيڪي ٽيهن سالن جي عمر کان وٺي پنجاهہ سالن جي عمر تائين آهن ۽ مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ خدمت ڪرڻ جي لائق آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 4:23
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

لاوي جا پٽ اهي هئا؛ جي پنهنجي پنهنجي اباڻي گهراڻي موجب، يعني انهن اباڻن گهراڻن جا سردار جي هڪ هڪ ڪري شمار ڪيا ويا هئا: اُهي جي ويهن ورهين ۽ ان کان مٿي جي عمر جا هئا، سي خداوند جي گهر جي خدمت جو ڪم ڪندا هئا.


ڇالاءِ جو دائود جي آخري حڪم موجب ويهن ورهين ۽ ان کان مٿي عمر جا بني لاوي شمار ڪيا ويا هئا.


۽ ٽيهن ورهين ۽ انهيءَ کان مٿي عمر وارا لاوي ڳڻيا ويا: ۽ انهن جو شمار هڪ هڪ ماڻهو ڪري اٺٽيهہ هزار ٿيو.


جيرسون جي پٽن جو بہ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب حساب ڪر.


بني جيرسون جي خاندانن جو، خدمت ڪرڻ ۽ بار کڻڻ لاءِ هي ڪم آهي:


۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي، پنجاهہ ورهين جي عمر تائين، جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ خدمت ۾ شامل ٿين، تن سڀني جو شمار ڪريو.


۽ جڏهن پنجاهہ ورهين جا ٿين، تڏهن خدمت ڪرڻ کان بس ڪن، ۽ اڳتي خدمت نہ ڪن.


ڪڏهن ڪو سپاهي پنهنجي خرچ تي جنگ ڪري ٿو ڇا؟ اهو ڪير آهي جو ڊاک جو منهہ پوکي ٿو ۽ انهي جو ڦل نٿو کائي؟ يا ڪير ڌڻ چاري ٿو ۽ ڌڻ جو کير نٿو پيئي؟


سچ جي ڪلام ۾، خدا جي قدرت ۾؛ راستبازيءَ جي هٿيارن سان سڄي پاسي ۽ کٻي پاسي؛


ڇالاءِ جو جسم روح جي برخلاف خواهش ٿو ڪري، ۽ روح جسم جي برخلاف؛ ۽ اُهي هڪ ٻئي جا مخالف آهن، انهي لاءِ تہ جيڪي اوهين چاهيو ٿا سو نہ ڪريو.


۽ جيڪي مسيح يسوع جا آهن، تن جسم کي انهي جي خواهشن ۽ سَڌن سميت صليب تي چاڙهيو آهي.


اي منهنجا فرزند تيمٿيس، جيڪي پيشنگوئيون تو بابت اڳي ڪيون ويون هيون، تن موجب آئون توکي اها تاڪيد ٿو ڪريان، تہ انهن جي ڪري تون چڱي جنگ ڪندو رهہ؛


آئون چڱي ڪُشتي وڙهيو آهيان، مون پنهنجو دور آڻي پورو ڪيو آهي، آئون پنهنجي ايمان تي قائم رهيو آهيان؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ