Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 4:16 - Sindhi Bible

16 ۽ هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر جو ڪم هي ٿيندو: تہ هو ڏيئن ٻارڻ جي تيل، ۽ خوشبودار مصالحہ، ۽ نذر جي هميشہ واري قرباني، ۽ مسح ڪرڻ جي تيل، ۽ عبادت جي خيمي، ۽ انهي جي سموري سامان، ۽ پاڪ مڪان ۽ انهي جي سموري سامان، جي نگهباني ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر جي سنڀال هيٺ هي شيون آهن: ڏيئن ٻارڻ جو تيل، خوشبودار لوبان، دستوري اناج جي قرباني ۽ مسح ڪرڻ جو تيل. ان کان علاوہ پوري مقدس خيمي ۽ ان جي سموري سامان جي نظرداري سندس ذميواري آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 4:16
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏيئن لاءِ تيل، مسح ڪرڻ جي لاءِ تيل ۽ لوبان لاءِ مصالحہ؛


انهي کان سواءِ خداوند موسيٰ کي هيئن بہ فرمايو تہ


۽ مسح ڪرڻ جو تيل، ۽ پاڪ مڪان لاءِ خوشبودار مصالحن جو لوبان: اهي سڀ، جيئن مون توکي حڪم ڏنو آهي تيئن هو تيار ڪن.


۽ هن عطارن جي هنر موجب، مسح ڪرڻ جو پاڪ تيل ۽ خوشبودار مصالحن جو لوبان جوڙيو.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


تون بني اسرائيل کي حڪم ڪر تہ اهي ٻارڻ جي لاءِ نج زيتون جو جهاڳوڙيل تيل تو وٽ کڻي اچن، تہ ڏيئو هميشہ ٻرندو رهي.


جنهن ڏينهن هارون ۽ سندس پٽن کي مسح ڪيو وڃي، تنهن ڏينهن اهي جيڪا قرباني خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن سا هيءَ آهي: يعني ايفہ جي ڏهين حصي جيترو ميدو، هميشہ کاڌي جي قربانيءَ طور آڻين، انهي جو اڌ صبح جي وقت، ۽ اڌ شام جي وقت آڻين.


۽ هارون ڪاهن جو پٽ اليعزر، لاوين جي سردارن جو سردار ٿئي، ۽ جيڪي پاڪ مڪان جي نگهباني ٿا ڪن، تن تي نظرداري ڪري.


۽ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو، ۽ چيائين تہ


”خداوند جو روح مون تي آهي، ڇوتہ غريبن کي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ مون کي مسح ڪيو اٿس، ۽ مون کي موڪليو اٿس تہ قيدين کي ڇُٽڻ جي، ۽ انڌن کي سڄي ٿيڻ جي خبر ٻڌايان، ۽ جيڪي لتاڙيل آهن، تن کي آزاد ڪريان،


اوهين پنهنجي ۽ اُنهي ساري ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن جو پاڪ روح اوهان کي نگهبان مقرر ڪيو آهي، ۽ خدا جي انهيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رهجو، جا هن خاص پنهنجي رت سان خريد ڪئي.


گهرجي تہ ماڻهو اسان کي مسيح جا خادم ۽ خدا جي رازن جا مختيار سمجهن.


ڇالاءِ جو خدا هڪڙو آهي، ۽ خدا ۽ ماڻهن جو درمياني بہ هڪڙو ئي آهي، يعني مسيح يسوع، جو انسان آهي.


تنهنڪري اي پاڪ ڀائرو، جي آسماني ڪوٺ ۾ شريڪ آهيو، اوهين انهي رسول ۽ سردار ڪاهن تي، يعني يسوع تي غور ڪريو، جنهن کي اسين مڃون ٿا.


پر مسيح فرزند طور هن جي گهر جو مختيار آهي؛ ۽ سندس گهر اسين آهيون؛ بشرطيڪ پنهنجي همت ۽ اُميد جو فخر توڙ تائين قائم رکندا اچون.


ڇالاءِ جو پهرين اوهين رڍن وانگر رُلي ويا هئا؛ پر هاڻي پنهنجن روحن جي ڌنار ۽ نگهبان (بشپ) وٽ موٽي آيا آهيو.


خدا جو ڌڻ، جو اوهان جي سپرد آهي، تنهن کي اوهين چاريو ۽ انهي جي نگهباني ڪريو، نہ لاچاريءَ سبب، پر خوشيءَ سان، نہ پيسي جي لالچ تي، پر دل جي شوق سان؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ