Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 4:15 - Sindhi Bible

15 ۽ جڏهن هارون ۽ سندس پٽ، پاڪ مڪان ۽ انهي جي سامان کي ڍڪي بس ڪن، ۽ ڪوچ ڪرڻ جو وقت اچي، تڏهن قهات جا پٽ انهي جي کڻڻ لاءِ اچن: پر هو پاڪ مڪان کي نہ ڇهن متان مري پون. جماعت واري تنبوءَ مان اهي شيون قهات جي پٽن کي کڻڻيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 جڏهن هارون ۽ سندس پٽ مقدس خيمي جي سڄي سامان کي ڍڪي بس ڪن ۽ منزل کڻي هلڻ جو وقت اچي، تڏهن بني قهات اهو سامان کڻڻ لاءِ اچن. پر هو انهن پاڪ شين کي نہ ڇهن، تہ جيئن مري نہ پون. مون خدا سان ملاقات واري خيمي جون اهي شيون کڻي هلڻ جي ذميواري بني قهات جي ئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 4:15
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏس، صدوق بہ آيو، ۽ ساڻس سڀ لاوي خدا جي عهدنامي جي صندوق کڻي هليا؛ ۽ هنن خدا جي صندوق کڻي رکي، ۽ ابياتر مٿي چڙهي ويو، جيسين ڪ سڀ ماڻهو شهر مان نڪري ويا.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خداوند جي صندوق کڻڻ وارا ڇهہ قدم هليا تڏهن هن هڪڙو ڏاند ۽ هڪڙو بيٺل ٿلهو جانور قرباني ڪيو.


۽ اسرائيل جا سڀ بزرگ آيا، ۽ ڪاهنن اچي صندوق کنئي.


۽ بني لاوين خدا جي صندوق لٺين سان پنهنجن ڪلهن تي کنئي، جيئن موسيٰ خداوند جي ڪلام موجب حڪم ڏنو هو.


دائود چيو تہ لاوين کانسواءِ ٻيو ڪوبہ خدا جي صندوق نہ کڻي: اُنهن جي لاءِ خداوند اهو حڪم مقرر ڪيو آهي تہ خدا جي صندوق کڻن، ۽ هميشہ سندس خدمت ڪندا رهن.


لاوين کي وري ڪڏهن بہ تنبو ۽ انهي جي خدمت جا ٿانوَ کڻڻا نہ پوندا.


۽ تون ماڻهن جي لاءِ چوڌاري حدون مقرر ڪري انهن کي چئُہ تہ خبردار رهو، ڪوبہ ماڻهو جبل تي نہ چڙهي، نڪي انهيءَ جي ڪناري کي ڇهي: جيڪو بہ جبل کي هٿ لائيندو، سو ضرور ماريو ويندو:


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ هيٺ لهي وڃي ماڻهن کي تاڪيد ڪر تہ حدون اورانگهي ڏسڻ جي لاءِ خداوند وٽ نہ اچن، متان منجهانئن گهڻا مري وڃن.


اهي ڏنڊا انهن ڇلن ۾ وڌا وڃن، ۽ اهي ڏنڊا قربانگاهہ جي کڻڻ وقت انهيءَ جي ٻنهي پاسن تي هجن.


پوءِ هو اهو لوبان خداوند جي حضور ۾ ٽانڊن تي وجهي، تہ لوبان جو دونهون شاهديءَ تي رکيل رحمت جي پوش کي ڍڪي ڇڏي، تہ هو مري نہ پوي:


پر لاوين کي شاهديءَ جي خيمي جي مٿان، ۽ انهي جي سڀ سامان جي مٿان، ۽ ٻيو جيڪي انهي جي بِلي آهي، تنهن جي مٿان مقرر ڪج. هو اهو خيمو ۽ انهي جو سڀ سامان کڻن، ۽ انهي جي خدمت ڪن، ۽ خيمي جي چوڌاري منزل ڪري رهن.


۽ جڏهن خيمو اڳتي هلڻو هجي، تڏهن لاوي انهي کي لاهين، ۽ جڏهن خيمو کوڙڻو هجي، تڏهن لاوي انهي کي کڙو ڪن: ۽ جيڪو ٻيو ڌاريو ماڻهو ويجهو ايندو، سو ماريو ويندو.


پوءِ بني قهات پاڪ مڪان وارو سامان کڻي اڳتي روانا ٿيا، ۽ ٻين انهن جي پهچڻ تائين خيمو کڙو ڪري ٿي ڇڏيو.


۽ اهي تنهنجي شين جي، ۽ ساري تنبوءَ جي حفاظت ڪن: رڳو پاڪ مڪان جي ٿانون ۽ قربانگاهہ جي ويجهو نہ اچن، متان اهي ۽ اوهين مري وڃو.


۽ خيمي جي اڳيان جماعت واري تنبوءَ جي سامهون، سج اُڀرڻ واري پاسي جيڪي پنهنجا تنبو کوڙين، سي موسيٰ، ۽ هارون، ۽ انهي جا پٽ هجن؛ اهي بني اسرائيل جي لاءِ خيمي جي نگهباني ڪن؛ جيڪو ڌاريو ماڻهو ويجهو اچي، سو ماريو وڃي.


۽ جيڪي ٿانو انهي جي خدمت جي ڪم ۾ ٿا اچن، سي سڀ، يعني منگالا ۽ گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ۽ ڪوڏاريون، ۽ ٿالهہ، مطلب تہ قربانگاهہ جا سڀ ٿانو، انهيءَ جي مٿان رکن، ۽ انهيءَ تي مل ار مڇيءَ جي کل جو پوش ڍڪي پوءِ منجهس ڏنڊا وجهن.


۽ اهي تمام پاڪ شين جي ويجهو اچڻ جي ڪري مري نہ پون، تنهنڪري اوهين هيئن ڪريو تہ هارون ۽ سندس پٽ اندر وڃي هرهڪ کي پنهنجي پنهنجي خدمت، ۽ پنهنجي پنهنجي بار کڻڻ لاءِ مقرر ڪن:


پر هو پاڪ مڪان ڏسڻ واسطي هڪڙي لحظي لاءِ بہ اندر نہ وڃن، متان هو مري پون.


پر بني قهات کي ڪجهہ بہ ڪين ڏنائين؛ ڇالاءِ جو پاڪ مڪان جي خدمت جيڪا انهن جي بِلي هئي، سا هيءَ هئي تہ هو انهي کي پنهنجن ڪلهن تي کڻن.


۽ موسيٰ هيءَ شريعت لکي بني لاويءَ کي، جي ڪاهن هئا، ۽ خداوند جي عهد جي صندوق کڻندا هئا، ۽ اسرائيل جي سڀني بزرگن کي ڏني.


ڇالاءِ جو جن ڪاهنن صندوق کنئي هئي، سي يردن جي وچ ۾ بيٺا هئا، جيستائين ڪ سڀ ڪم پورو ٿيو: پوءِ خداوند يشوع کي حڪم ڏنو، تہ جيڪي حڪم موسيٰ يشوع کي ڏنا هئا، انهن سڀني مطابق ماڻهن کي سمجهاءِ: ۽ ماڻهو جلدي جلدي پار لنگهي ويا.


۽ هن بيت شمس جي ماڻهن کي انهي ڪري ماريو جو هنن خداوند جي صندوق ۾ نهاريو، ۽ هن انهن ماڻهن مان پنجاهہ هزار ۽ ستر ماڻهو ماريا: ۽ خداوند هنن ماڻهن ۾ وڏو ڪوس وجهي انهن کي ماريو، تنهنڪري ماڻهن ۾ ماتم پئجي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ