Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 4:14 - Sindhi Bible

14 ۽ جيڪي ٿانو انهي جي خدمت جي ڪم ۾ ٿا اچن، سي سڀ، يعني منگالا ۽ گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ۽ ڪوڏاريون، ۽ ٿالهہ، مطلب تہ قربانگاهہ جا سڀ ٿانو، انهيءَ جي مٿان رکن، ۽ انهيءَ تي مل ار مڇيءَ جي کل جو پوش ڍڪي پوءِ منجهس ڏنڊا وجهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 هو اهي سمورا ٿانوَ جيڪي قربان‌گاهہ جي خدمت ۾ ڪم ٿا اچن يعني منگالا، گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ڪوڏرون ۽ ٿالهہ وغيرہ، انهيءَ ڪپڙي جي مٿان رکن. پوءِ انهيءَ تي ڊالفن دريائي جانور جي کل جو پوش ڍڪين ۽ بعد ۾ منجھس ٻانهيون وجھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 4:14
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سليمان اهي سڀ باسڻ جوڙيا، جي خدا جي گهر ۾ هئا، يعني سوني قربانگاهہ، ۽ ميزون، جي نذر جي ماني رکڻ لاءِ هيون؛


۽ تون ٻٻر جي ڪاٺ جي قربانگاهہ جوڙج، اها قربانگاهہ چورس هجي. انهيءَ جي ڊيگهہ پنج هٿ، ۽ ويڪر پنج هٿ هجي، ۽ اوچائي ٽي هٿ هجي.


۽ تون انهيءَ جي لاءِ رک کڻڻ جا ٿانو، ۽ ڪوڏاريون، ۽ ٿالهہ، ۽ گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ۽ منگالا جوڙج، اهي سڀ ٿانو تون پتل جا جوڙج.


۽ قربانگاهہ مان رک ڪڍي، مٿس آسماني رنگ جو ڪپڙو پکيڙي ڇڏين.


۽ جڏهن هارون ۽ سندس پٽ، پاڪ مڪان ۽ انهي جي سامان کي ڍڪي بس ڪن، ۽ ڪوچ ڪرڻ جو وقت اچي، تڏهن قهات جا پٽ انهي جي کڻڻ لاءِ اچن: پر هو پاڪ مڪان کي نہ ڇهن متان مري پون. جماعت واري تنبوءَ مان اهي شيون قهات جي پٽن کي کڻڻيون آهن.


۽ مل ار مڇيءَ جي کل جو پوش انهي تي وجهن، ۽ انهي جي مٿان آسماني رنگ جو ڪپڙو پکيڙي ڇڏين، ۽ منجهس ڏنڊا وجهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ