13 ۽ قربانگاهہ مان رک ڪڍي، مٿس آسماني رنگ جو ڪپڙو پکيڙي ڇڏين.
13 هو ساڙڻ وارين قربانين جي قربانگاهہ مان رک ڪڍي مٿس واڱڻائي رنگ جو ڪپڙو پکيڙي ڇڏين.
پوءِ هنن آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جا، ۽ عمدي ڪم وارا ڪپڙا، پاڪ مڪان ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ جوڙيا؛ ۽ هارون لاءِ بہ پاڪ پوشاڪ جوڙيائون؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
پاڪ مڪان ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ عمدي ڪم وارا ڪپڙا؛ هارون ڪاهن جي پاڪ پوشاڪ، ۽ سندس پٽن جون پوشاڪون، جن ۾ هو ڪهانت جي خدمت ڪن.
۽ جيڪي ٿانو انهي جي خدمت جي ڪم ۾ ٿا اچن، سي سڀ، يعني منگالا ۽ گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ۽ ڪوڏاريون، ۽ ٿالهہ، مطلب تہ قربانگاهہ جا سڀ ٿانو، انهيءَ جي مٿان رکن، ۽ انهيءَ تي مل ار مڇيءَ جي کل جو پوش ڍڪي پوءِ منجهس ڏنڊا وجهن.