Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 35:8 - Sindhi Bible

8 ۽ جيڪي شهر اوهين ڏيو، سي بني اسرائيل جي موروثي ملڪيت مان هجن، گهڻن کان گهڻا وٺجو؛ ۽ ٿورن کان ٿورا وٺجو: هر ڪنهن کي جيڪو ورثو ملي تنهن موجب پنهنجن شهرن مان لاوين کي ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 جڏهن اوهين بني اسرائيل جي موروثي ملڪيت مان لاوين کي اهي شهر ڏيو، تڏهن جن قبيلن کي گھڻا شهر مليل هجن تن کان گھڻا وٺجو ۽ جن کي ٿورا مليل هجن تن کان ٿورا وٺجو. مطلب تہ هر قبيلو پنهنجي مليل ميراث مطابق لاوين کي شهر ڏئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 35:8
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

لعنت سندن ڪاوڙ تي، جا ڏاڍي تکي هئي، ۽ سندن غصي تي، جو تمام سخت هو. آءٌ هنن کي يعقوب ۾ ڌار ڪندس، ۽ اسرائيل ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس.


ڇالاءِ جو لاوي پنهنجا ٻهراڙيءَ جا ڳوٺ، ۽ پنهنجي ملڪيت ڇڏي يهوداہ ۽ يروشلم ۾ آيا: جو يربعام ۽ سندس پٽن هنن کي ڪڍي ڇڏيو هو تہ هو خداوند جي لاءِ ڪهانت جو عهدو نہ هلائين:


۽ جڏهن هنن اها عومر سان مئي ڏٺي، تڏهن جنهن گهڻي گڏ ڪئي هئي، تنهن وٽ وڌيڪ ڪي بہ ڪين بچيو، ۽ جنهن ٿوري گڏ ڪئي هئي تنهن وٽ گهٽ ڪانہ ٿي؛ انهن مان هر ڪنهن پنهنجي کائڻ جيتري گڏ ڪئي هئي.


انهي هوندي بہ لاوين جا شهر، ۽ انهن شهرن جا گهر، جي سندين ملڪيت هجن، سي لاوي ڪنهن بہ وقت ڇڏائي سگهندا.


جنهن قبيلي ۾ گهڻا ماڻهو هجن، تنهن کي گهڻو ورثو ملي، ۽ جنهن قبيلي ۾ ٿورا ماڻهو هجن، تنهن کي ٿورو ورثو ملي: هرهڪ قبيلي کي سندس شمار ڪيل ماڻهن موجب ورثو ملي.


۽ اوهين اهو ملڪ پُکا وجهي، پنهنجن گهراڻن موجب ورثي طور ورهائي کڻجو؛ گهڻن کي گهڻو ورثو ڏجو، ۽ ٿورن کي ٿورو ورثو ڏجو: جنهن ماڻهو جي نالي، جنهن هنڌ جو پُکو پوي، اهو هنڌ انهي کي ڏنو وڃي؛ اوهان جي ابن ڏاڏن جي قبيلن موجب اوهان کي ورثو ملندو.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس، تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ