Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 35:6 - Sindhi Bible

6 ۽ جيڪي شهر اوهين لاوين کي ڏيندا، تن مان ڇهہ شهر پناهہ جا هجن، جن ۾ خوني ماڻهو ڀڄي وڃي رهن: انهن کان سواءِ اوهين ٻائيتاليهہ شهر ٻيا بہ اڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 اوهين لاوين کي ڇهہ شهر پناهہ جي لاءِ ڏجو، تہ جيئن جنهن ماڻهوءَ جي هٿان اتفاق سان خون ٿي پوي تہ اهو اوڏانهن ڀڄي وڃي سگھي. انهن کان سواءِ اوهين کين ٻائيتاليهہ شهر ٻيا بہ ڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 35:6
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند مظلومن جي لاءِ اوچو ٺلهہ، ۽ مصيبت جي وقت انهن جو قلعو ٿيندو؛


پر جيڪڏهن ڪو مارڻ جي ارادي سان وجهہ وٺي نہ ويٺو هجي پر خدا اهو ماڻهو اوچتو سندس هٿن ۾ آڻي وڌو هجي، تہ پوءِ آءٌ هن جي لاءِ هڪڙي جاءِ مقرر ڪندس جتي هو ڀڄي وڃي.


جا ڏينهن جو گرميءَ کان ڇانوَ لاءِ شاميانو ٿيندي، ۽ طوفان ۽ مينهن کان ڍڪ ۽ پناهہ ٿيندي.


۽ اوهين شهر جي ٻاهران اُڀرندي ڏانهن ٻہ هزار هٿ ماپجو، ۽ ڏکڻ ڏانهن ٻہ هزار هٿ، ۽ الهندي ڏانهن ٻہ هزار هٿ، ۽ اُتر ڏانهن ٻہ هزار هٿ، پوءِ شهر انهن جي وچ ۾ ٿيندو. اهي هن جي لاءِ شهرن جون ٻهراڙيون ٿينديون.


اوهين مڙيئي جي پورهيو ٿا ڪريو ۽ وڏي بار هيٺ دٻيا پيا آهيو، سي مون وٽ اچو، تہ آئون اوهان کي آرام ڏيندس.


تان تہ (واعدو ۽ قسم) ٻہ بي تبديل ڳالهيون، جن جي نسبت ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي، تن جي وسيلي اسان کي پڪيءَ طرح خاطري ٿئي، تہ جيڪا اُميد اسان جي اڳيان رکيل آهي، تنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ پناهہ وٺڻ واسطي ڊوڙي آيا آهيون.


۽ هارون ڪاهن جي اولاد کي هنن حبرون سندس ٻهراڙين سوڌو ڏنو، جو خونيءَ جي پناهہ جو شهر هو، ۽ لبناہ بہ سندس ٻهراڙين سميت؛


۽ اُنهن هنن کي افرائيم جي ڪوهستان ۾، سڪم، ٻهراڙيءَ سميت، جو خونيءَ جي لاءِ پناهہ جو شهر هو، ۽ جزر، ٻهراڙيءَ سميت ڏنو؛


۽ لاوين جي قبيلن مان بني جيرسون کي منسيءَ جي اڌ فرقي مان، هنن بسن ۾ جولان، ٻهراڙيءَ سميت، جو خونيءَ جي لاءِ پناهہ جو شهر هو، ڏنو؛ بعستراہ، ٻهراڙيءَ سميت؛ ٻہ شهر.


۽ بني اسرائيل خداوند جي حڪم موجب، لاوين کي پنهنجي موروثي حصي مان هي شهر سندن ٻهراڙين سميت ڏنا.


۽ نفتالي جي فرقي مان، جليل ۾ قادس، ٻهراڙيءَ سميت، جو خونيءَ جي پناهہ جو شهر هو، ۽ حمات دور، ٻهراڙيءَ سميت، ۽ قرتان، ٻهراڙيءَ سميت؛ ٽي شهر.


۽ روبن جي فرقي مان، بصر، ٻهراڙيءَ سميت؛ ۽ يهصہ، ٻهراڙيءَ سميت،


۽ جد جي فرقي مان جلعاد ۾، رامہ، ٻهراڙيءَ سميت، جو خونيءَ جي پناهہ جو شهر هو، ۽ محنايم، ٻهراڙيءَ سميت؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ