Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 35:31 - Sindhi Bible

31 تنهن کان سواءِ جيڪو خوني قتل جي لائق هجي، تنهن کي سندس جان جي عيوضي ۾ پئسا وٺي ڇڏي نہ ڏجو: اهو ضرور قتل ڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 انهيءَ قاتل کي ضرور ماريو وڃي، جيڪو واجب‌القتل هجي. اوهين کانئس جان جي عيوضي ۾ پئسا وٺي کيس ڇڏي نہ ڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 35:31
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن دائود ناتن کي چيو تہ مون خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. ۽ ناتن دائود کي چيو تہ خداوند بہ تنهنجو گناهہ معاف ڪيو آهي؛ تون مرندين ڪين.


۽ جبعونين هن کي چيو تہ اهو اسان ۽ دائود يا سندس گهراڻي جي وچ ۾، ڪو سون يا روپي جو تڪرار نہ آهي؛ نڪي اسان کي اسرائيل مان ڪنهن کي مارڻو آهي. تڏهن هن چيو تہ جيئن اوهين چوندا تيئن آءٌ ڪندس.


اي خدا، منهنجيءَ نجات جا خدا مون کي خون جي گناهہ کان ڇڏاءِ، تہ منهنجي زبان تنهنجيءَ سچائيءَ جو گيت ڳائيندي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڄاڻي ٻجهي پنهنجي پاڙيسريءَ کي ٺڳيءَ سان مارڻ لاءِ مٿس ڪاهي اچي، تہ تون انهي کي منهنجيءَ قربانگاهہ وٽان وٺي وڃج، تہ ماريو وڃي.


۽ آءٌ توتي اهڙي فتويٰ جاري ڪندس جهڙي انهن زالن تي ڪبي آهي جي شاديءَ جو حق ڀڃنديون آهن؛ ۽ آءٌ ڪاوڙ ۽ ريس جو خون تنهنجي سر تي آڻيندس.


۽ جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ڌڪ هڻي ماري وجهي، سو ضرور قتل ڪيو وڃي؛


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن کي اهڙو پهڻ هٿ سان اُڇلائي هڻي، جنهن سان موت ٿيڻ جو امڪان هجي، ۽ اهو ماڻهو مري پوي، تہ هو خوني آهي: اهڙو خوني ضرور قتل ڪيو وڃي.


جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ماري وجهي، تہ اهو خوني، شاهدن جي زبانيءَ تي قتل ڪيو وڃي: پر هڪڙي شاهد جي زبانيءَ تي ڪوبہ ماڻهو ماريو نہ وڃي.


۽ جيڪو پنهنجي پناهہ جي شهر ۾ ڀڄي وڃي، تنهن کي سردار ڪاهن جي مرڻ کان اڳي سندس عيوضي جا پئسا وٺي، سندس زمين ۾ موٽڻ جي موڪل نہ ڏجو.


جيڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي لڪي ڌڪ هڻي سو ملعون آهي. ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ