Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 35:19 - Sindhi Bible

19 جيڪو خون جو وير وٺڻ وارو هجي، سو پاڻ اهڙي خونيءَ کي ماري: جڏهن اهو گڏجي وڃيس تڏهن انهي کي ماري وجهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 مقتول جو ڪو وير وٺڻ وارو عزيز پاڻ ئي انهيءَ خونيءَ کي ماري. جڏهن اهو کيس گڏجي تڏهن کيس ماري ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 35:19
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏس اڄ تو مون کي هتان ڪڍي ڇڏيو آهي، ۽ آءٌ تنهنجي حضوريءَ کان پري ٿي ويندس؛ ۽ زمين تي رلندس ۽ ڌڪا کائيندس ۽ جيڪو مون کي ڏسندو، سو ماري وجهندم.


تڏهن زال چيو تہ آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ بادشاهہ خداوند پنهنجي خدا کي ياد ڪري تہ خون جي بدلي وٺڻ وارو وري ڪنهن کي نہ ماري، متان منهنجي پٽ کي ناس ڪري ڇڏين. ۽ هن چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ تنهنجي پٽ جو هڪڙو وار بہ زمين تي نہ ڪرندو.


۽ ڏس، سارو گهراڻو تنهنجي ٻانهيءَ سان وڙهڻ لاءِ سنبري آيو آهي، ۽ سڀ چوڻ لڳا تہ جنهن پنهنجي ڀاءُ کي ماريو آهي، تنهن جي ٻانهن ڪڍي ڏي، تہ جنهن پنهنجي ڀاءُ جو هن خون ڪيو آهي تنهن جي عيوض ۾ اسين انهيءَ کي ماريون؛ ۽ انهيءَ طرح وارث بہ ماري چٽ ڪري ڇڏيون: پوءِ جيڪو منهنجو ٽانڊو بچيو آهي سو بہ اُجهائي ڇڏيندا، ۽ زمين تان منهنجي مڙس جو نالو نشان مٽائي ڇڏيندا.


۽ جڏهن ابنير حبرون ۾ موٽي آيو، تڏهن يوآب هن کي هڪ پاسي دروازي جي وچ ۾ وٺي ويو، انهي لاءِ تہ هن سان خلاصو ڳالهائي، ۽ اُتي هن کي پيٽ ۾ اهڙو ڌڪ هنيائين، جو هو مري ويو، ۽ هن پنهنجي ڀاءُ عساهيل جي خون جي عيوض ۾ ائين ڪيو.


انهيءَ طرح يوآب ۽ سندس ڀاءُ ابيشيءَ، ابنير کي ڪُٺو، ڇالاءِ جو هن انهن جي ڀاءُ عساهيل کي جبعون منجهہ جنگ ۾ ماريو هو.


انهن شهرن ۾ اوهان کي وير وٺڻ واري کان پناهہ ملندي؛ انهي لاءِ تہ جيسين خوني جماعت جي اڳيان فيصلي جي لاءِ حاضر نہ ٿئي، تيسين اهو ماريو نہ وڃي.


يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن کي اهڙي لٺ هڻي، جنهن سان موت ٿيڻ جو امڪان هجي، ۽ اهو ماڻهو مري پوي، تہ هو خوني آهي: اهڙو خوني ضرور قتل ڪيو وڃي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو دشمنيءَ جي ڪري ڪنهن کي ڌڪو ڏئي، يا لڪي وجهہ وٺي ڪا شيءِ اُڇلائي هڻيس، جنهنڪري اهو مري پوي؛


يا دشمنيءَ جي ڪري هٿ سان ڌڪ هڻي ماري وجهيس؛ تہ ڌڪ هڻڻ وارو ضرور قتل ڪيو وڃي؛ هو خوني آهي: ۽ خون جي وير جي وٺڻ وارو انهي خونيءَ کي جڏهن اهو گڏجيس، تڏهن ماري وجهي.


تہ پوءِ جماعت انهي ڌڪ هڻندڙ، ۽ خون جي وير وٺڻ واري جي وچ ۾ هنن حڪمن موجب فيصلو ڪري:


۽ جيڪڏهن خون جي وير وٺڻ واري کي اهو پناهہ جي شهر جي حد جي ٻاهر گڏجي وڃي، ۽ اهو وير وٺڻ وارو انهي خونيءَ کي ماري وجهي؛ تہ انهي تي خون جو ڏوهہ ڪونہ ايندو:


تہ پوءِ شهر جا بزرگ انهي کي اُتان گهرائي وٺن، ۽ وير وٺڻ واري جي حوالي ڪن، تہ ڀلي هو ماريو وڃي.


انهي لاءِ تہ متان انهي خون جي وير وٺڻ وارو دل جي جوش کان انهي خونيءَ جي پٺيان پوي، ۽ پنڌ پري هئڻ جي ڪري رستي ۾ جهليس، ۽ ڌڪ هڻي ماري وجهيس؛ جيتوڻيڪ اهو شخص موت جي لائق نہ آهي، ڇو جو اڳي انهي سان ڪابہ دشمني ڪانہ هيس.


انهي لاءِ تہ جيڪو خوني ڀل چڪ ۾ ڪنهن کي ماري وجهي، سو اُنهن ۾ ڀڄي وڃي: اُهي شهر خون جي بدلي وٺڻ واري کان اوهان جي پناهہ جا هنڌ ٿيندا.


۽ جيڪڏهن خون جي بدلي وٺڻ وارو هن جي پٺيان پوي تہ هي ماڻهو انهي خونيءَ کي هن جي حوالي نہ ڪندا؛ ڇالاءِ جو هن پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڀل چڪ ۾ ماريو، ۽ انهي کان اڳي ساڻس ڪو وير ڪونہ هوس.


تڏهن هن چيو تہ اُهي منهنجا ڀائر هئا، منهنجي ماءُ جا پٽ: جيئري خداوند جو قسم آهي تہ جي اوهين انهن کي جيئرو ڇڏي ڏيو ها تہ آءٌ اوهان کي نہ ڪهان ها.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ