Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 35:12 - Sindhi Bible

12 انهن شهرن ۾ اوهان کي وير وٺڻ واري کان پناهہ ملندي؛ انهي لاءِ تہ جيسين خوني جماعت جي اڳيان فيصلي جي لاءِ حاضر نہ ٿئي، تيسين اهو ماريو نہ وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12-13 اهي شهر اوهان جي لاءِ وير وٺڻ واري کان پناهہ‌گاهہ هوندا. اهو انهيءَ لاءِ تہ خوني جيستائين قوم جي اڳيان فيصلي لاءِ حاضر نہ ٿئي، تيستائين اُهو ماريو نہ وڃي. اوهين ڇهہ پناهہ جا شهر ڏجو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 35:12
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏس، سارو گهراڻو تنهنجي ٻانهيءَ سان وڙهڻ لاءِ سنبري آيو آهي، ۽ سڀ چوڻ لڳا تہ جنهن پنهنجي ڀاءُ کي ماريو آهي، تنهن جي ٻانهن ڪڍي ڏي، تہ جنهن پنهنجي ڀاءُ جو هن خون ڪيو آهي تنهن جي عيوض ۾ اسين انهيءَ کي ماريون؛ ۽ انهيءَ طرح وارث بہ ماري چٽ ڪري ڇڏيون: پوءِ جيڪو منهنجو ٽانڊو بچيو آهي سو بہ اُجهائي ڇڏيندا، ۽ زمين تان منهنجي مڙس جو نالو نشان مٽائي ڇڏيندا.


۽ پناهہ جا شهر جي اوهين ڏيو سي ڇهہ هجن.


جيڪو خون جو وير وٺڻ وارو هجي، سو پاڻ اهڙي خونيءَ کي ماري: جڏهن اهو گڏجي وڃيس تڏهن انهي کي ماري وجهي.


۽ جيڪو خوني ڀڄي وڃي اتي رهندو، تنهن جي بابت هي حڪم آهي: جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڀل مان ماري وجهي، ۽ اڳي انهي سان ڪابہ دشمني نہ هجيس؛


انهي لاءِ تہ متان انهي خون جي وير وٺڻ وارو دل جي جوش کان انهي خونيءَ جي پٺيان پوي، ۽ پنڌ پري هئڻ جي ڪري رستي ۾ جهليس، ۽ ڌڪ هڻي ماري وجهيس؛ جيتوڻيڪ اهو شخص موت جي لائق نہ آهي، ڇو جو اڳي انهي سان ڪابہ دشمني ڪانہ هيس.


بني اسرائيل کي چئُہ تہ پناهہ جا شهر جن بابت موسيٰ جي معرفت مون اوهان کي چيو هو، سي مقرر ڪريو:


اهي شهر بني اسرائيل لاءِ، ۽ جيڪو مسافر منجهن رهندڙ هجي، تنهن جي لاءِ مقرر ڪيا ويا، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ڀل چڪ ۾ ماري وجهي سو انهن ۾ ڀڄي وڃي، ۽ خون جي بدلي وٺڻ واري جي هٿان نہ مري، جيستائين جماعت جي اڳيان وڃي حاضر نہ ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ