انهيءَ طرح اُنهيءَ وقت سليمان، ۽ ساڻس گڏ سڀني اسرائيلين وڏي جماعت ڪري، حمات جي گهڙڻ واريءَ جاءِ کان وٺي مصر جي نهر تائين، خداوند اسان جي خدا جي اڳيان ست ڏينهن هڪڙا، ۽ ست ڏينهن ٻيا، يعني ڪل چوڏهن ڏينهن، عيد ڪئي.
هن اسرائيل جي سرحد حمات جي گهڙڻ جي جاءِ کان وٺي عرباہ جي سمنڊ تائين موٽي قائم ڪئي، جيئن ڪ خداوند اسرائيل جي خدا پنهنجي ٻانهي يوناہ بن امتي، جات حفر واري نبيءَ جي معرفت ڪلام ڪيو هو.
پر ڪسدين جو لشڪر هنن جي پٺيان پيو ۽ يريحو جي ميدان ۾ صدقياہ کي وڃي پهتو: ۽ جڏهن هنن پڪڙيس تڏهن حمات جي ملڪ ۾ ربلاہ منجهہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر وٽ هن کي وٺي آيا، ۽ هن مٿس فتويٰ جاري ڪئي.
تنهنڪري خداوند لشڪرن جو خدا ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، ڏس آءٌ اوهان جي برخلاف هڪڙي قوم اُٿاريندس ۽ اُهي اوهان کي حمات کان شروع ڪري عربہ جي نديءَ تائين تڪليف ڏيندا.