۽ هيئن ٿيندو تہ مڇي مارڻ وارا انهي جي ڀرسان بيهندا: عين جديءَ کان وٺي عين عجليم تائين ڄارن پکيڙڻ جي جاءِ ٿيندي؛ انهن جي مڇي بہ انهن ئي جي قسمن جي ٿيندي، ۽ وڏي سمنڊ جي مڇيءَ وانگر تمام گهڻي ٿيندي.
ڏسو، هي قومون جي باقي رهيون آهن، سي انهن سڀني قومن سميت، جن کي مون ناس ڪري ڇڏيو آهي، يردن کان وٺي اُلهندي ۾ وڏي سمنڊ تائين، سي مون ورثو ڪري اوهان کي ورهائي ڏنيون آهن.