Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 34:14 - Sindhi Bible

14 ڇالاءِ جو بني روبن جي قبيلي کي پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، ۽ بني جد جي قبيلي کي پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن ورثو مليو آهي، ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي بہ سندس ورثو ملي چڪو آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 بني روبن ۽ بني جد جي قبيلن کي سندن نسلن موجب ورثو ملي چڪو آهي ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي بہ ورثو ملي چڪو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 34:14
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪڏهن اوهين ائين نہ ڪندا، تہ ڏسو، اوهين خداوند جا گنهگار ٿيندا: ۽ يقين ڄاڻجو، تہ اوهان جو گناهہ اوهان کي جهليندو.


تڏهن موسيٰ امورين جي بادشاهہ سيحون جي بادشاهت، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي بادشاهت، انهن جي شهرن ۽ حدن موجب، سمورو ملڪ، ۽ انهي جا شهر، بني جد، ۽ بني روبن، ۽ يوسف جي پٽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ڏيئي ڇڏيا.


انهن اڍائي قبيلن کي سندن ورثو، سج اُڀرڻ واري پاسي يردن جي هن ڀر، يريحو وٽ اُڀرندي ڏانهن ملي چڪو آهي.


هن پنهنجي لاءِ پهريون حصو چونڊيو؛ ڇالاءِ جو اتي شريعت ڏيڻ واري جو مقرر حصو رکيل هو؛ ۽ هو اُمت جي رئيسن سان آيو، ۽ هن خداوند جي انصاف جي ۽ اسرائيل جي بابت سندس فيصلن جي تعميل ڪئي.


انهي لاءِ تہ تو کان وڏين ۽ طاقتور قومن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍي، ۽ توکي انهن جي ملڪ ۾ پهچائي، ۽ اهو توکي ورثي ۾ ڏئي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ