Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 34:12 - Sindhi Bible

12 پوءِ سرحد اتان لهي يردن تائين ويندي، ۽ اتان نڪري وڃي کاري سمنڊ تي بيهندي: اهو ملڪ سندس چئن ئي طرفن جي حدن موجب اوهان جو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 پوءِ اتان اردن درياءَ جي ڪناري ڪناري هيٺ لنگھندي وڃي کاري سمنڊ تي پوري ٿيندي. اوهان جي ملڪ جون اهي ئي چوڌاري سرحدون هونديون.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 34:12
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن لوط پنهنجيون اکيون کڻي يردن جو سارو ميدان جو ضغر ڏانهن آهي سو ڏٺو؛ ڇالاءِ جو سدوم ۽ عمورہ کي خداوند برباد ڪيو، تنهن کان اڳي، اهو هنڌ مصر جي ملڪ ۽ خداوند جي باغ وانگر آباد هو.


اهي سڀئي سديم يعني کاري سمنڊ جي ماٿريءَ ۾ اچي گڏ ٿيا.


آءٌ تنهنجي حد ڳاڙهي سمنڊ تائين، ۽ بيابان کان فرات نديءَ تائين قائم ڪندس؛ ڇالاءِ جو آءٌ انهي ملڪ جا رهاڪو تنهنجي حوالي ڪندس، ۽ تون انهن کي پنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍندين.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هيءَ حد ٿيندي، جنهن موافق اوهين اسرائيل جي ٻارهن ئي فرقن موجب اها زمين ورثي ۾ ورهائي انهن کي ڏيندا. يوسف کي بہ حصا ملندا.


۽ سرحد سفام کان لهي ربلہ تائين، عين جي اُڀرندي پاسي ويندي؛ وري اتان لهي اڀرندي ڏانهن ڪنرت جي سمنڊ تائين ويندي:


پوءِ موسيٰ بني اسرائيل کي حڪم ڏيئي چيو، تہ جيڪو ملڪ اوهين پُکا وجهي ورهائي ورثي ۾ کڻندا، ۽ جنهن جي بابت خداوند حڪم ڪيو آهي، تہ انهن نوَن قبيلن ۽ اڌ قبيلي کي ڏئي سو اهو آهي:


تڏهن اوهان جي ڏکڻ واري سرحد صين جي بيابان کان وٺي ادوم جي سرحد تائين ٿيندي، ۽ اوهان جي ڏاکڻي سرحد کاري سمنڊ جي ڇيڙي کان وٺي اُڀرندي ڏانهن ٿيندي:


هاڻي يشوع پيرسن ۽ ڪُهن سال ٿيو؛ ۽ خداوند کيس چيو تہ تون ٻڍو ٿيو آهين، ۽ اڃا گهڻي زمين باقي بچي پيئي آهي جا هٿ ڪرڻي آهي.


۽ اُڀرندي واري سرحد هئي: کارو سمنڊ، يردن جي پڇاڙيءَ تائين، ۽ اُتر واري ڀاڱي جي سرحد يردن جي اصل پڇاڙيءَ واري ڀاڱي وٽ شاخ کان وٺي هلي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ