Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 34:11 - Sindhi Bible

11 ۽ سرحد سفام کان لهي ربلہ تائين، عين جي اُڀرندي پاسي ويندي؛ وري اتان لهي اڀرندي ڏانهن ڪنرت جي سمنڊ تائين ويندي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اها سرحد شفام کان ڏکڻ طرف ربلہ شهر تائين ويندي، جيڪو عين جي اوڀر ۾ آهي. اتان وري گليل ڍنڍ جي اوڀر طرف چاڙهيءَ جي چوٽيءَ کان ٿيندي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 34:11
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ فرعون نڪوہ حمات جي ملڪ ۾ ربلہ منجهہ هن کي قيد ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ هو يروشلم ۾ بادشاهي نہ ڪري: ۽ انهيءَ زمين تي چانديءَ جي هڪ سؤ قنطارن ۽ سون جي هڪ سؤ قنطار جي ڍل ٻڌائين.


پوءِ هنن بادشاهہ کي پڪڙي ربلہ ۾ بابل جي بادشاهہ وٽ آندو، ۽ هن تي فتويٰ جاري ڪيائون.


۽ بابل جي بادشاهہ، صدقياہ جي پٽن کي سندس اکين آڏو قتل ڪرايو: هن يهوداہ جي سڀني اميرن کي بہ ربلہ ۾ قتل ڪرايو.


تڏهن هنن بادشاهہ کي پڪڙي ورتو، ۽ هن کي حمات جي زمين ۾ ربلہ منجهہ بابل جي بادشاهہ وٽ آندائون؛ ۽ اُنهي هن تي فتويٰ جاري ڪئي.


۽ اوهين پنهنجي اُڀرندي واري سرحد حصرعينان کان وٺي سفام تائين نشان ڪجو:


پوءِ سرحد اتان لهي يردن تائين ويندي، ۽ اتان نڪري وڃي کاري سمنڊ تي بيهندي: اهو ملڪ سندس چئن ئي طرفن جي حدن موجب اوهان جو ٿيندو.


۽ جڏهن هو پار لنگهيا، تڏهن لهي گنيسرت جي علائقي ۾ آيا.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ماڻهو مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا، ۽ خدا جو ڪلام پئي ٻُڌائون، تڏهن هو گنيسرت واري ڍنڍ وٽ بيٺو هو،


هنن ڳالهين کانپوءِ يسوع گليل جي سمنڊ، يعني تبرياس جي ڍنڍ جي پرئين ڀر هليو ويو.


۽ آرباہ، ۽ يردن ۽ انهيءَ جي سرحد؛ ڪنرت کان وٺي آرباہ جي سمنڊ، يعني کاري سمنڊ تائين، جو اُڀرندي ۾ پسگاهہ جي سلامين تائين پکڙيل آهي، سو سڀ مون انهن کي ڏنو.


۽ ٻيا جيڪي بادشاهہ ڪوهستان جي اُتر ڏي، ۽ ڪنرٿ جي ڏکڻ وارن ميدانن ۾، ۽ واديءَ ۾، ۽ اُلهندي ڏي دور جي چوٽين تي هئا،


۽ ميدان کان وٺي اُڀرندي ڏي ڪنرٿ جي سمنڊ تائين، ۽ ميدان جي سمنڊ ڏي يعني اُڀرندي واري کاري سمنڊ تائين، جو بيت يسيموٿ ڏي وڃڻ جو رستو آهي، ۽ پسگہ جي لاهيءَ هيٺان ڏکڻ تائين هئي:


۽ واديءَ ۾ بيت هارم ۽ بيت نمرہ، ۽ سڪاٿ ۽ صفون، ۽ حسبون جي بادشاهہ سيحون جي باقي بچيل بادشاهت، يردن جي ڪناري تائين، ۽ ڪنرٿ جي سمنڊ جي ڪنڌيءَ تائين، جو يردن جي هن ڀر اُڀرندي ڏي آهي.


۽ قلعن وارا شهر هئا صديم، صير، ۽ حماٿ، رقٿ، ۽ ڪنرٿ؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ