۽ مون انهي وقت اوهان کي حڪم ڏيئي چيو، تہ خداوند اوهان جي خدا هيءُ ملڪ اوهان کي ملڪيت طور ڏنو آهي: تہ اوهان مان سڀ جنگي مرد هٿيار ٻڌي، اوهان جي ڀائرن بني اسرائيل جي اڳيان پار هلو.
۽ خداوند اوهان جو خدا انهن کي اوهان جي اڳيان ٿڏي ڪڍندو، ۽ اوهان جي نظر کان پري ڪندو؛ ۽ انهن جي زمين اوهان کي ورثي ۾ ملندي، جيئن خداوند اوهان جي خدا اوهان کي فرمايو آهي.