Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 33:52 - Sindhi Bible

52 تڏهن اتي جي سڀني رهاڪن کي، پنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍجو، ۽ انهن جون پٿر جون مورتون، ۽ پلٽيل مورتون برباد ڪري ڇڏجو، ۽ انهن جون اُتانهون جايون ڊاهي ڇڏجو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

52 تڏهن اتي جي سڀني رهاڪن کي ڀڄائي ڪڍجو. انهن جون تراشيل توڙي پلٽيل مورتون برباد ڪري ڇڏجو ۽ انهن جا ٽڪرن تي ٺهيل پوڄا گھر ڊاهي ڇڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 33:52
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن سليمان يروشلم جي اڳيان جيڪو جبل آهي، تنهن ۾ موآب جي بت ڪموس لاءِ، ۽ بني عمون جي بت مولڪ لاءِ، هڪڙي مٿانهين جاءِ جوڙائي.


تون انهن جي معبودن جي اڳيان سجدو نہ ڪج، نہ انهن جي عبادت ڪج، نڪي انهن جهڙا ڪم ڪج، بلڪ تون انهن کي اصل ڊاهي ڇڏج، ۽ انهن جا ٿنڀ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏج.


اوهين پنهنجي لاءِ بت نہ جوڙجو، نڪي ڪا اُڪريل مورت يا ڪو ٿنڀ ٺاهجو، نڪي ڪو مورت وارو پهڻ پنهنجيءَ زمين ۾ سجدي ڪرڻ لاءِ کڙو ڪجو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


جڏهن خداوند انهن کي اوهان جي حوالي ڪري، تڏهن اوهين ساڻن انهن سڀني حڪمن موجب هلت ڪجو، جي مون اوهان کي ڏنا آهن.


اي اسرائيل، تون مبارڪ آهين: خداوند توکي بچايو آهي، تو جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي، خداوند تنهنجي مدد جي ڍال، ۽ تنهنجيءَ وڏائيءَ جي ترار آهي! تنهنجا دشمن اچي تو وٽ پيش پوندا؛ ۽ تون اُنهن جا مٿانهان مڪان لتاڙي ڇڏيندين.


جيئن خداوند پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن موسيٰ يشوع کي حڪم ڏنو هو: ۽ يشوع بہ ائين ئي ڪيو؛ جيڪي بہ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو سو سڀ پورو ڪيائين.


۽ اهي قومون، جي اوهان ۾ باقي وڃي رهيون آهن، تن ۾ داخل نہ ٿجو؛ نڪي انهن جي معبودن جو نالو زبان تي آڻجو، نڪي انهن جو قسم کڻجو، نڪي انهن جي عبادت ڪجو، ۽ نڪي انهن کي سجدو ڪجو:


تڏهن اسرائيل جي ماڻهن انهن حوين کي چيو تہ شايد اوهين اسان منجهہ رهندڙ آهيو؛ اسين ڪيئن اوهان سان عهد ٻڌون؟


۽ اوهين هن ملڪ جي رهاڪن سان ڪوبہ عهد اقرار نہ ڪجو، ۽ اوهين هنن جون قربانگاهون ڀڃي ڇڏجو: پر اوهان منهنجي ڳالهہ نہ مڃي: ڇو اوهان ائين ڪيو آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ