37 ۽ قادس مان ڪوچ ڪري، حور جبل وٽ ادوم ملڪ جي سرحد تي اچي منزل ڪيائون.
37 هو اتان قادش مان روانا ٿيا ۽ ادوم ملڪ جي سرحد تي هور جبل وٽ اچي منزل ڪيائون.
پر اسان خداوند جي حضور ۾ دانهون ڪيون، تڏهن هن اسان جي دانهن ٻڌي، ۽ هڪڙي فرشتي کي موڪلي اسان کي مصر مان ڪڍيائين: ۽ ڏس، اسين قادس ۾ آهيون، جو شهر تنهنجيءَ سرحد جي ڇيڙي تي آهي:
پوءِ اهي هور جبل کان ڳاڙهي سمنڊ جي رستي روانا ٿيا، انهي لاءِ تہ ادوم جي سرحد جي ٻاهران ڦيرو ڏيئي لنگهي وڃن: پر اهي ماڻهو انهي ڊگهي رستي جي ڪري دل شڪستہ ٿي پيا.