Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 33:3 - Sindhi Bible

3 هو پهرئين مهيني جي پندرهينءَ تاريخ رعمسيس مان ڪوچ ڪري نڪتا؛ يعني فسح جي عيد جي ٻئي ڏينهن صبح جو بني اسرائيل سڀني مصرين جي ڏسندي ڏاڍي فخر سان روانا ٿيا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 بني اسرائيل پهرئين مهيني جي پندرهين تاريخ يعني عيد فصح کان پوءِ ٻئي ڏينهن صبح جو رعمسيس شهر مان روانا ٿيا. هو اتان سڀني مصرين جي اکين جي اڳيان وڏي دليريءَ سان نڪري هليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 33:3
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يوسف پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ڀائرن کي فرعون جي حڪم موجب مصر جي ملڪ ۾ تمام چڱي زمين، يعني رعمسيس جي زمين سندن قبضي ۾ ڏيئي، کين اتي رهايو.


جڏهن اهي هليا ويا تڏهن مصر جا ماڻهو ڏاڍا خوش ٿيا؛ ڇو تہ انهن جي ڪري هو ڏاڍا ڊڄي ويا هئا.


سو هنن کين پيڙڻ لاءِ مٿن مقدم مقرر ڪيا تہ انهن کي بيگر ۾ وهائين؛ ۽ انهن فرعون جي لاءِ انبار جا شهر، پتوم ۽ رعمسيس اڏايا.


هي مهينو اوهان جي لاءِ مهينن جو شروع، ۽ سال جو پهريون مهينو ٿيندو.


پوءِ بني اسرائيل رعمسيس کان مسافري ڪندا سڪات تائين آيا، ۽ اهي ٻارن کان سواءِ فقط مرد ماڻهو ڇهہ لک هئا.


اوهين ابيب مهيني ۾ اڄوڪي ڏينهن ٻاهر نڪتا آهيو.


۽ خداوند مصر جي بادشاهہ فرعون جي دل سخت ڪئي ۽ هو بني اسرائيل جي پٺيان ڪاهي پيو؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل زبردستيءَ سان نڪري آيا هئا.


ڇالاءِ جو اوهين تڙ تڪڙ ۾ نہ نڪرندا، نڪي ڀڄي نڪرندا: ڇو تہ خداوند اوهان جي اڳيان هلندو؛ ۽ اسرائيل جو خدا اوهان جي پٺ سنڀاليندو.


ڀڃندڙ هنن جي اڳيان لنگهي ويو آهي: هو ڀڃندا در تائين پهتا آهن ۽ لنگهي ٻاهر ويا آهن: ۽ هنن جو بادشاهہ بہ سندن اڳيان ويو آهي ۽ خداوند سندن سردار ٿيو آهي.


۽ موسيٰ خداوند جي حڪم موجب انهن جي مسافريءَ جو احوال سندن منزلن مطابق لکي ڇڏيو: ۽ انهن جي مسافريءَ جون منزلون هي هيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ