۽ موسيٰ هرهڪ قبيلي منجهان هڪ هزار ماڻهن کي جنگ تي موڪليو، ۽ اليعزر ڪاهن جي پٽ فنيحاس کي بہ، عبادتگاهہ جا ٿانو ۽ وڏي آواز واريون تُريون ڏيئي، انهن سان گڏ جنگ تي روانو ڪيائون.
هي اهي ڳالهيون آهن جي موسيٰ يردن جي هن ڀر بيابان ۾، يعني آرباہ جي ميدان ۾، سوف جي سامهون، فاران، ۽ طوفل، ۽ لابن، ۽ حصيرات، ۽ ديذهب جي وچ ۾، سڀني اسرائيلين کي چئي ٻڌايون.