16 وري سينا جي بيابان مان نڪري، قبروت هتاوہ ۾ اچي لٿا.
16 وري هو اتان روانا ٿيا ۽ قبروتهتاواہ ۾ اچي منزل ڪيائون.
پوءِ هو خداوند جي جبل کان روانا ٿيا، ۽ ٽي ڏينهن پنڌ ڪيائون، ۽ خداوند جي عهد جي صندوق ٽن ڏينهن جي پنڌ تائين، انهن جي واسطي آرام جي جاءِ ڳولڻ لاءِ سندن اڳيان پئي هلي.
۽ انهي هنڌ جو نالو قبروت هتاوہ رکيو ويو؛ ڇالاءِ جو اتي انهن ماڻهن کي دفن ڪيائون، جن اجائي سَڌ ڪئي.
۽ انهن ۾ جيڪي ٻين ذاتين جا ماڻهو گڏيل هئا، سي اجايون سَڌون ڪرڻ لڳا، ۽ بني اسرائيل بہ روئي چوڻ لڳا تہ ڪير اسان کي کائڻ لاءِ گوشت ڏيندو؟
۽ قبروت هتاوہ مان ڪوچ ڪري حصيرات ۾ اچي منزل ڪيائون.
خداوند اسان جي خدا، حورب ۾ اسان سان ڳالهايو، ۽ چيائين تہ، اوهين هن جبل تي گهڻو رهيا آهيو: