Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 32:5 - Sindhi Bible

5 سو جيڪڏهن اسان تي تنهنجي مهر جي نظر آهي، تہ هي ملڪ تنهنجن ٻانهن کي موروثي ملڪيت ڪري ڏيئي ڇڏ؛ اسان کي يردن جي پرئين ڀر نہ لنگهاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 سو جيڪڏهن اسان تي توهان جي مهربانيءَ جي نظر آهي تہ هيءُ ملڪ اسان پنهنجن خادمن کي ملڪيت ڪري ڏيئي ڇڏيو ۽ اسان کي اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر نہ وٺي هلو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 32:5
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي ڏس، تو پنهنجي ٻانهي تي مهر جي نظر ڪئي آهي، ۽ تو مون تي ايڏو وڏو فضل ڪيو، جو منهنجو ساهہ بچايو اٿئي، هاڻي آءٌ جبل ڏانهن ڀڄي نٿو سگهان، متان اها آفت مون تي اچي پوي، ۽ آءٌ مري وڃان.


۽ يوآب منهن ڀر زمين تي ڪري پيو، ۽ تعظيم ڪيائين، ۽ بادشاهہ کي دعا ڪيائين: ۽ يوآب چيو تہ اڄ تنهنجي ٻانهي کي خبر پئي آهي تہ اي ڌڻي، اي بادشاهہ، مون تنهنجي نظر ۾ مان لڌو آهي، جو بادشاهہ پنهنجي ٻانهي جو عرض قبول ڪيو آهي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ راڻي آستر کي ايوان ۾ بيٺل ڏٺو، تڏهن هن سندس نظر ۾ ڏاڍو مانُ لڌو: ۽ بادشاهہ سوني لٺ، جا هٿ ۾ هيس سا کڻي آستر ڏانهن جهليائين. تڏهن آستر ويجهو اچي لٺ جي چوٽيءَ کي هٿ لاتو.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيڪا قوم ترار کان بچي وئي، تنهن بيابان ۾ فضل حاصل ڪيو؛ يعني اسرائيل، جڏهن آءٌ انهن کي آرام ڏيڻ ويس.


يعني اهو ملڪ، جنهن کي خداوند اسرائيل جي جماعت جي اڳيان شڪست ڏني، انهي جي زمين چوپائي مال جي لاءِ تمام چڱي آهي، ۽ تنهنجن ٻانهن وٽ چوپايو مال آهي.


تڏهن موسيٰ بني جد ۽ بني روبن کي چيو، تہ اوهان جا ڀائر جنگ تي ويندا ۽ اوهين هتي ويٺا رهندا ڇا؟


۽ اوهان جي ئي ڪري خداوند مون تي بہ ڪاوڙيو، ۽ چيائين، تون بہ انهيءَ زمين ۾ داخل ڪين ٿيندين:


۽ يشوع چوڻ لڳو تہ افسوس، اي خداوند خدا، ڇو تو هن قوم کي يردن لنگهائي آندو؛ انهي لاءِ ڇا تہ انهن کي امورين جي حوالي ڪرين، تہ ناس ٿي وڃن؟ شل اسين راضي ٿي يردن جي هن ڀر رهون ها!


تڏهن هوءَ منهن ڀر زمين تي ڪنڌ جهڪائي هن کي چوڻ لڳي تہ جڏهن آءٌ ڌارين مان آهيان، تڏهن ڪهڙي سبب مون تنهنجي نظر ۾ مان لڌو آهي جو تون منهنجي ايتري خبر ٿو لهين؟


تڏهن وري دائود قسم کڻي چيو تہ تنهنجي پيءُ کي پڪ خبر آهي تہ تنهنجي مون تي مهربانيءَ جي نظر آهي؛ ۽ هو چوي ٿو تہ يونتن کي انهي جي خبر نہ پوي تہ چڱو، تہ ڏک نہ ٿئيس: پر خداوند جيئري جو قسم، ۽ تنهنجي جان جو قسم، تہ يقيناً منهنجي ۽ موت جي وچ ۾ فقط هڪڙو قدم آهي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ