سو انهي وقت اسان اهو ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو: ۽ عروعير، جو ارنون جي ماٿريءَ جي ڪناري تي آهي، ۽ جلعاد جي ٽڪرائتي ملڪ جو اڌ، ۽ انهي جا شهر، مون بني روبن ۽ بني جد کي ڏنا:
منسيءَ جي فرقي لاءِ ڪڻي پيري هي حصو هو؛ ڇالاءِ جو هو يوسف جو پهريتو پٽ هو، ۽ مڪير جو منسيءَ جو پهريتو پٽ هو، ۽ جلعاد جو پيءُ هو، ڇاڪاڻ تہ هو جنگي مرد هو، تنهنڪري هن کي جلعاد ۽ بسن ورثي ۾ مليا.