Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 32:38 - Sindhi Bible

38 نبو ۽ بعل معون، (جن جا نالا بدلائي ڇڏيائون) ۽ شبماہ جا شهر جوڙيا: ۽ جيڪي شهر جوڙيائون، تن کي ٻيا نالا ڏنائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

38 نبو ۽ بعل‌معون ۽ سبماہ. جيڪي شهر وري ٺاهيائون تن جا هنن نوان نالا رکيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 32:38
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ پاڻيءَ جا کوهہ، جيڪي هنن سندس پيءُ ابرهام جي ڏينهن ۾ کوٽيا هئا، سي اسحاق وري کوٽايا؛ ڇالاءِ جو فلستين، ابرهام جي مرڻ کان پوءِ اُهي بند ڪري ڇڏيا هئا. ۽ انهن تي اهي ئي نالا بہ رکيائين، جيڪي پڻس رکيا هئا.


نبو جي پٽن مان؛ يعي ايل، متتياہ، زاباد، زبينا، يدو، ۽ يوايل، بناياہ.


جيڪي خداوند کي ڇڏي ڪنهن ٻئي معبود کي ٿا مڃين، تن جا ڏک وڌندا ويندا: آءٌ انهن جي لاءِ رت واريون پيئڻ جون قربانيون ڪين چاڙهيندس، نڪي پنهنجيءَ زبان سان انهن جا نالا وٺندس.


جيڪي ڳالهيون مون توکي چيو آهن، تن جي سنڀال رکج: ٻين معبودن جو نالو ئي نہ وٺج، نڪي تنهنجي واتان اهو ٻڌڻ ۾ اچي.


ڇالاءِ جو حسبون جون ٻنيون ۽ سبماہ جي ڊاک ڪومائجي ٿي؛ قومن جي سردارن انهي جون عمديون عمديون ٽاريون ڀڃي ڇڏيون آهن؛ اهي يعزير تائين بہ اچي پهتا آهن، اهي بيابان ۾ گهميا ڦريا؛ ان جون شاخون هيڏي هوڏي پکڙي ويون، اهي سمنڊ پار بہ لنگهي ويا.


بيل هيٺ جهڪي ٿو، نبو سجدو ٿو ڪري؛ انهن جون مورتون جانورن ۽ ڍورن تي لڏيل آهن: جيڪي شيون اوهين کڻي پئي گهميا، سي ٿڪل جانورن تي لڏيل بوجهو آهن.


موآب بابت لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ويل هجي نبوءَ سان! ڇالاءِ جو اهو ويران ٿي ويو آهي؛ قريتائم شرمندو ڪيو ويو آهي، اُهو ورتو ويو آهي: مسجاب شرمندو ڪيو ويو آهي ۽ ڀڃي ڇڏيو ويو آهي.


۽ ميدان واري ملڪ تي سزا نازل ٿي آهي؛ يعني حولون، ۽ يهصاہ، ۽ مفعت تي؛


۽ قريتايم، ۽ بيت جمول، ۽ بيت معون تي؛


تنهنڪري ڏس، آءٌ موآب جو پاسو کوليندس يعني سندس سرحدن جي شهر کان بيٿ يسيموت، بعل معون، ۽ قريتائم تائين، جي ملڪ جو فخر آهن.


۽ صبح جو هيئن ٿيو، جو بلق بلعام کي پاڻ سان وٺي، بعل جي مٿانهين جاين تي آيو، ۽ اتان هن اسرائيل جي سڄي قوم کي ڏٺو.


عطارات، ۽ ديبون، ۽ يعزير، ۽ نمرہ، ۽ حسبون، ۽ اليعا ۽ شبام، ۽ نبو، ۽ بعون جو ملڪ،


۽ بني روبن بہ، حسبون، اليعالي، قريتائم؛


۽ جنهن جبل تي تون چڙهين ٿو انهي تي تون وفات ڪندين، ۽ پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبين؛ جهڙيءَ طرح ڪ تنهنجو ڀاءُ هارون حور جبل تي مئو، ۽ پنهنجن وڏن سان وڃي گڏيو:


۽ اهي قومون، جي اوهان ۾ باقي وڃي رهيون آهن، تن ۾ داخل نہ ٿجو؛ نڪي انهن جي معبودن جو نالو زبان تي آڻجو، نڪي انهن جو قسم کڻجو، نڪي انهن جي عبادت ڪجو، ۽ نڪي انهن کي سجدو ڪجو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ