۽ ارنون جي ماٿريءَ جي ڪناري تي، جو عروعير شهر آهي، ۽ ماٿريءَ ۾ جيڪو شهر آهي، تنهن کان وٺي جلعاد تائين، اهڙو ڪوبہ شهر ڪونہ هو جو اسان جي قبضي ۾ نہ آيو: سڀيئي شهر، خداوند اسان جي خدا، اسان جي حوالي ڪيا:
۽ هن انهن کي عروعير کان وٺي منيت تائين، يعني ويهن شهرن ۾، ۽ ابيل ڪراميم تائين ماريو، ۽ تمام وڏو ڪوس ڪيائين. انهيءَ طرح بني عمون بني اسرائيل جي اڳيان شڪست کاڌي.