Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 32:33 - Sindhi Bible

33 تڏهن موسيٰ امورين جي بادشاهہ سيحون جي بادشاهت، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي بادشاهت، انهن جي شهرن ۽ حدن موجب، سمورو ملڪ، ۽ انهي جا شهر، بني جد، ۽ بني روبن، ۽ يوسف جي پٽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ڏيئي ڇڏيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 تڏهن موسيٰ امورين جي بادشاهہ سيحون ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جا ملڪ شهرن ۽ ٻهراڙيءَ سميت جد ۽ روبن قبيلن ۽ يوسف جي پٽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ڏيئي ڇڏيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 32:33
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ منسيءَ جي اڌ فرقي مان ارڙهن هزار، جي ناليوار ظاهر ڪيا ويا، انهيءَ لاءِ تہ اچي دائود کي بادشاهہ ڪن.


۽ سندس ٻہ هزار ست سؤ ڀائرن کي، جي بهادر مرد هئا، ۽ اباڻي گهراڻن جا سردار هئا، تن کي دائود بادشاهہ روبينين تي، ۽ جد ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي تي، خدا جي هر ڪنهن ڪم ۽ بادشاهہ جي سڀ ڪنهن ڪم لاءِ مقدم مقرر ڪيو.


روبن جا پٽ جاد ۽ منسيءَ جو اڌ فرقو، جي بهادر مرد هئا، ۽ سپر ۽ ترار کڻڻ وارا، ۽ ڪمان ڪشيندڙ، ۽ جنگ ڪرڻ ۾ هوشيار هئا، اُهي چوئيتاليهہ هزار ست سؤ سٺ ماڻهو هئا، جي جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري وڃڻ جهڙا هئا.


هاڻي بني روبن ۽ بني جد وٽ چوپايو مال تمام گهڻو هو: سو جڏهن انهن يعزير ۽ جلعاد جي زمين ڏٺي، ۽ سمجهيائون تہ اهو هنڌ چوپائي مال جي لائق آهي؛


اسين هٿيار ٻڌي خداوند جي حضور ۾ پرئين ڀر ڪنعان جي ملڪ ۾ وينداسين، پر اسان جي موروثي ملڪيت يردن جي هن ڀر رهي.


ڇالاءِ جو بني روبن جي قبيلي کي پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، ۽ بني جد جي قبيلي کي پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن ورثو مليو آهي، ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي بہ سندس ورثو ملي چڪو آهي:


انهن اڍائي قبيلن کي سندن ورثو، سج اُڀرڻ واري پاسي يردن جي هن ڀر، يريحو وٽ اُڀرندي ڏانهن ملي چڪو آهي.


۽ اسان انهن جو ملڪ ورتو، ۽ اهو بني روبن، ۽ بني جد، ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ورثي طور ڏنوسين.


هاڻي جيڪا زمين يردن جي هن ڀر اُڀرندي ڏي ارنون جي واديءَ کان وٺي حرمون جي جبل تائين هئي، ۽ جيڪو ميدان اُڀرندي ڏي هو، تن جي جن جن بادشاهن کي بني اسرائيل ماري انهن جو ملڪ هٿ ڪيو، سي هي آهن:


انهن کي خداوند جي ٻانهي موسيٰ ۽ بني اسرائيل ماري مات ڪيو: ۽ خداوند جي ٻانهي موسيٰ اهو سڄو ملڪ ورثو ڪري بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي کي ڏيئي ڇڏيو هو.


ڇالاءِ جو موسيٰ ٻن فرقن ۽ اڌ فرقي کي يردن جي هن ڀر ورثو ڏنو هو: پر لاوين کي انهن سان گڏ ڪوبہ ورثو ڪونہ ڏنائين.


هاڻي خداوند اوهان جي خدا اوهانجن ڀائرن کي آرام ڏنو آهي، جيئن هن انهن کي چيو هو: تنهنڪري هاڻي اوهين پٺتي موٽو، ۽ جيڪا اوهان جي ورثي واري زمين خداوند جي ٻانهي موسيٰ يردن جي هن ڀر اوهان کي ڏني هئي، تنهن ۾ پنهنجن تنبن ڏانهن وڃو.


هاڻي منسيءَ جي هڪڙي اڌ فرقي کي موسيٰ بسن ۾ سندن موروثي حصو ڏنو هو؛ پر ٻئي اڌ فرقي کي يشوع يردن جي پار اُلهندي ڏانهن سندن ٻين ڀائرن سان گڏ حصو ڏنو، تنهن کان سواءِ جڏهن يشوع انهن کي پنهنجن تنبن ڏانهن موڪليو تڏهن انهن کي برڪت ڏنائين،


هاڻي عبرانين مان ڪي يردن جي هن ڀر لنگهي جد ۽ جلعاد جي ملڪ ڏي ويا؛ پر سائول اڃا بہ جلجال ۾ هو، ۽ سڀيئي ماڻهو ڏڪندا هن جي پٺيان ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ