Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 32:32 - Sindhi Bible

32 اسين هٿيار ٻڌي خداوند جي حضور ۾ پرئين ڀر ڪنعان جي ملڪ ۾ وينداسين، پر اسان جي موروثي ملڪيت يردن جي هن ڀر رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 اسين هٿيار ٻڌي خداوند جي نگهبانيءَ هيٺ پرينءَ ڀر ڪنعان جي ملڪ ۾ جنگ تي وينداسين پر ملڪيت اسان کي اردن درياءَ جي هِن ڀر ئي ملي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 32:32
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن اوهين ڪنعان جي ملڪ ۾ وڃي پهچو، جو ملڪ آءٌ اوهان کي ملڪيت ڪري ٿو ڏيان، ۽ جڏهن اوهان جي انهي ملڪيت واري ملڪ جي ڪنهن گهر ۾ آءٌ ڪوڙهہ جو مرض وجهان،


۽ اسين يردن جي پرئين ڀر، يا انهي کان اڳتي، هنن سان گڏ ورثو ڪين وٺنداسين؛ ڇالاءِ جو اسان جو ورثو يردن جي هن ڀر، اُڀرندي ڏانهن اسان کي ملي چڪو آهي.


۽ بني جد، ۽ بني روبن، ورندي ڏيئي چيو، تہ جيئن خداوند تنهنجن ٻانهن کي فرمايو آهي، تيئن ئي هو ڪندا.


تڏهن موسيٰ امورين جي بادشاهہ سيحون جي بادشاهت، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي بادشاهت، انهن جي شهرن ۽ حدن موجب، سمورو ملڪ، ۽ انهي جا شهر، بني جد، ۽ بني روبن، ۽ يوسف جي پٽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ڏيئي ڇڏيا.


انهن اڍائي قبيلن کي سندن ورثو، سج اُڀرڻ واري پاسي يردن جي هن ڀر، يريحو وٽ اُڀرندي ڏانهن ملي چڪو آهي.


هي اهي ڳالهيون آهن جي موسيٰ يردن جي هن ڀر بيابان ۾، يعني آرباہ جي ميدان ۾، سوف جي سامهون، فاران، ۽ طوفل، ۽ لابن، ۽ حصيرات، ۽ ديذهب جي وچ ۾، سڀني اسرائيلين کي چئي ٻڌايون.


۽ اسان انهن جو ملڪ ورتو، ۽ اهو بني روبن، ۽ بني جد، ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ورثي طور ڏنوسين.


سو انهي وقت اسان اهو ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو: ۽ عروعير، جو ارنون جي ماٿريءَ جي ڪناري تي آهي، ۽ جلعاد جي ٽڪرائتي ملڪ جو اڌ، ۽ انهي جا شهر، مون بني روبن ۽ بني جد کي ڏنا:


هاڻي جيڪا زمين يردن جي هن ڀر اُڀرندي ڏي ارنون جي واديءَ کان وٺي حرمون جي جبل تائين هئي، ۽ جيڪو ميدان اُڀرندي ڏي هو، تن جي جن جن بادشاهن کي بني اسرائيل ماري انهن جو ملڪ هٿ ڪيو، سي هي آهن:


انهن کي خداوند جي ٻانهي موسيٰ ۽ بني اسرائيل ماري مات ڪيو: ۽ خداوند جي ٻانهي موسيٰ اهو سڄو ملڪ ورثو ڪري بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي کي ڏيئي ڇڏيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ