Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 32:13 - Sindhi Bible

13 ۽ خداوند کي بني اسرائيل تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ هن کين چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ هيڏانهن هوڏانهن رلايو، جيسين ڪ انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀ ماڻهو، جن خداوند جي نظر ۾ برائي ڪئي هئي، سي نابود ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 سو خداوند کي بني اسرائيل تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هن کين چاليهہ سال بيابان ۾ هيڏانهن هوڏانهن رلايو جيستائين انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀ ماڻهو جن خداوند جي نظر ۾ برائي ڪئي هئي، سي مري کپي نہ ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 32:13
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي رڻ پٽ جي رستي تي بيابان ۾ پئي رُليا، ۽ ڪوبہ شهر رهڻ لاءِ نٿي ملين.


تنهن ڪري هن انهن جا ڏينهن اجايا وڃايا، ۽ سندن ورهيہ خوف ۾ پورا ڪيائين.


چاليهن ورهين تائين آءٌ اُنهيءَ پيڙهيءَ کان بيزار رهيس، تڏهن مون چيو تہ هي اهي ماڻهو آهن جي پنهنجين دلين ۾ گمراهہ ٿا ٿين، ۽ انهن منهنجين واٽن کي نہ سمجهيو آهي:


۽ بني اسرائيل چاليهن ورهين تائين برابر من پئي کاڌي، جيسين ڪ هو ڪنهن آباد ملڪ ۾ آيا؛ يعني جيسين هو ڪنعان ملڪ جي حد ۾ آيا، تيسين من پئي کاڌائون.


مون اوهان کي مصر جي ملڪ مان بہ ڪڍي آندو، ۽ اوهان کي چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ گهمايم، تہ اوهين امورين جي زمين جا مالڪ ٿيو.


مون سندن آڏو انهيءَ اموريءَ کي ناس ڪيو جنهن جو قد ديودار جي قد جيڏو هو، ۽ جو شاهہ بلوطن جهڙو مضبوط هو، انهي هوندي بہ مون مٿان سندس ميوو ۽ هيٺان سندس پاڙون ناس ڪيون.


باقي اوهان جا لاشا هن بيابان ۾ ڪرندا.


انهي هوندي بہ اُنهن مان گهڻن سان خدا راضي نہ ٿيو، ڇالاءِ جو اهي رڻ پٽ ۾ مارجي ڪيرايا ويا.


ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي خدا تنهنجي هٿ جي ڪمائيءَ ۾ برڪت وڌي آهي: ۽ هن وڏي بيابان ۾ تنهنجي گهمڻ ڦرڻ جي بہ هن کي خبر آهي: هي چاليهہ ورهيہ خداوند تنهنجو خدا توساڻ رهيو؛ ۽ توکي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿي.


تنهن تي خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي ۽ هن انهن کي ڦرلٽ ڪرڻ وارن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو، جن هنن کي ڦري لٽي ڇڏيو، ۽ انهن کي آس پاس وارن دشمنن وٽ وڪڻي ڇڏيائين، جنهنڪري هو وري پنهنجي دشمنن جي سامهون بيهي ڪين سگهيا.


تڏهن خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي؛ ۽ هن چيو تہ ڇو هن قوم جي ابن ڏاڏن، جنهن عهد اقرار جو مون حڪم ڏنو هو، سو ڀڳو آهي، ۽ منهنجو حڪم نہ مڃيو اٿن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ