10 ۽ انهي ڏينهن خداوند کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هن قسم کڻي چيو، تہ
10 انهيءَ ڏينهن خداوند کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، سو قسم کڻي چيائين تہ
سو مون پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ اهي منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا.
۽ مون بيابان ۾ قسم کاڌو تہ جيڪا زمين مون هنن کي ڏني هئي، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پي وهي، ۽ جا سڀني زمينن جو فخر آهي، تنهن ۾ هنن کي نہ آڻيان:
۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ڪيستائين هي ماڻهو منهنجي تحقير ڪندا؟ ۽ جيڪي هيتريون نشانيون مون هنن کي ڏيکاريون آهن، تن جي هوندي بہ ڪيستائين مون تي ايمان نہ آڻيندا؟
پر مون کي پنهنجيءَ حياتيءَ جو قسم تہ ساري زمين خداوند جي جلال سان ڀرپور ٿيندي؛
سو جنهن ملڪ جي بابت مون انهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، سو اهي اصل ڪين ڏسندا. نڪي جن مون کي ڪاوڙايو آهي، تن مان ڪو اهو ڏسندو.
اوهان جا لاشا هن بيابان ۾ ڪرندا، ۽ انهن سڀني جا، جن جو اوهان ۾ شمار ڪيو ويو آهي، يعني اوهان جي شمار موجب جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي آهي، جن منهنجي برخلاف ڪرڪر ڪئي آهي،