Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 31:8 - Sindhi Bible

8 ۽ انهن کان سواءِ هنن مديان جي پنجن بادشاهن کي، يعني عوي، رقم، صور، حور ۽ ربع کي بہ ماري ڇڏيو؛ ۽ بعور جي پٽ بلعام کي بہ ترار سان قتل ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 انهن مئلن ۾ مديان جا پنج بادشاهہ اَوي، رقم، صور، حور ۽ ربع بہ هئا. هنن بعور جي پٽ بلعام کي بہ تلوار سان قتل ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 31:8
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بڇڙا پنهنجيءَ مغروريءَ ۾ غريب جي پٺيان پيا آهن؛ ۽ جيڪي رِٿون رٿيون اٿن، تن ۾ پاڻ ئي ڦاسي پون.


خداوند پاڻ کي ظاهر ڪيو آهي، هن انصاف ڪيو آهي، بڇڙو پنهنجي ئي هٿن جي ڪم ۾ ڦاٿل آهي.


سچن جي سچائي هنن کي هدايت ڪري ٿي: پر دغابازن جي ڏنگائي کين ناس ڪندي.


شرير قاصد خرابيءَ ۾ ڦاسي پوي ٿو: پر ايماندار ايلچي تندرستي آڻيندڙ آهي.


مون ڪوشن جا تنبو مصيبت ۾ ڏٺا: مديان جي ملڪ جا پردا ڏڪي ويا.


۽ بلعام خدا کي چيو، تہ صفور جي پٽ بلق، موآب جي بادشاهہ مون کي چوائي موڪليو آهي تہ


تڏهن موآبين، مديان جي بزرگن کي چيو تہ هيءَ جماعت، جيڪي بہ اسان جي آس پاس آهي، سو ائين کائي ويندي، جيئن ڏاند ٻنيءَ جو گاهہ کائي ويندو آهي. ۽ صفور جو پٽ بلق انهي وقت موآب جو بادشاهہ هو.


۽ هن بعور جي پٽ بلعام ڏانهن فتور ۾ قاصد موڪليا، جو نديءَ جي ڪناري تي سندس قوم جو ملڪ آهي، انهي لاءِ تہ انهي کي هيئن چئي سڏي اچن، تہ ڏس، هڪڙي قوم مصر مان نڪري آئي آهي: هنن زمين جي سطح کي ڍڪي ڇڏيو آهي، ۽ هاڻي منهنجي سامهون اچي منزل ڪئي اٿن:


ڪير يعقوب جي مٽيءَ جا ذرا ڳڻي سگهندو، يا ڪير اسرائيل جي چوٿين حصي جو شمار ڪري سگهندو؟ شل آءٌ راستبازن وارو موت مران، شل منهنجي پڇاڙي انهن جهڙي ٿئي!


هاڻي ڏس، آءٌ پنهنجيءَ قوم ڏانهن وڃان ٿو: تون اچ تہ تو کي اطلاع ڏيان تہ هيءَ قوم تنهنجيءَ قوم سان پوين ڏينهن ۾ ڇا ڪندي.


پوءِ بلعام اُٿي روانو ٿيو، ۽ پنهنجي وطن ڏانهن موٽي ويو، ۽ بلق بہ پنهنجو رستو وٺي هليو ويو.


۽ جيڪا مدياني زال قتل ڪئي ويئي، تنهن جو نالو ڪزبي هو، ۽ هوءَ صور جي ڌيءَ هئي؛ جو مديان جي هڪڙي گهراڻي جو رئيس هو.


ڇالاءِ جو هو اوهان کي پنهنجين ٺڳين سان ستائين ٿا، جيئن فغور واريءَ ڳالهہ ۾، ۽ ڪزبيءَ واريءَ ڳالهہ ۾ ٿيو، جا مديانين جي سردار جي ڌيءَ، ۽ سندن ڀيڻ هئي، ۽ طاعون واري ڏينهن قتل ڪئي ويئي.


ڏسو، انهن ئي بلعام جي چوڻ تي، فغور واريءَ ڳالهہ ۾، خداوند جي برخلاف، بني اسرائيل کي گنهگار ڪيو، جنهن ڪري خداوند جي جماعت ۾ طاعون پيو.


۽ بني اسرائيل، مديانين جون زالون ۽ انهن جا ٻار ٻچا قيد ڪيا؛ ۽ انهن جا سڀ ڍور، ۽ ڌڻ، ۽ سمورو مال اسباب ڦري ورتائون،


اهي سنئون رستو ڇڏي گمراهہ ٿي پيا آهن، ۽ بعور جي پٽ بلعام جي پيروي ٿا ڪن، جنهن کي گناهہ جو اُجورو پسند هو؛


افسوس آهي انهن تي، ڇالاءِ جو هو قائن جي واٽ تي هليا، ۽ لالچ جي ڪري بلعام جهڙيءَ گمراهيءَ ۾ ڪاهي پيا، ۽ قوراہ وانگر مخالفت ڪري برباد ٿيا.


۽ اهو حيوان پڪڙيو ويو ۽ ساڻس گڏ اهو ڪوڙو نبي، جنهن سندس اڳيان اهڙا تہ نشان ڏيکاريا هئا، جن سان هن انهن کي گمراهہ ڪيو هو جن تي انهي حيوان جي ڇاپ هئي، ۽ جن هن جي بُت جي پرستش ڪئي هئي، اهي ٻئي گندرف سان ٻرندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا اُڇلايا ويا:


پر مون کي تنهنجي برخلاف ڪي ٿوريون ڳالهيون چوڻيون آهن، ڇالاءِ جو تو وٽ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جي بلعام جي تعليم تي ٿا هلن، جنهن بلق کي سيکاريو تہ بني اسرائيل جي واٽ ۾ ٿاٻي کائڻ جهڙي شيءِ رکي، تہ هو بُتن جي قربانيءَ جون شيون کائين ۽ زنا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ