Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 31:6 - Sindhi Bible

6 ۽ موسيٰ هرهڪ قبيلي منجهان هڪ هزار ماڻهن کي جنگ تي موڪليو، ۽ اليعزر ڪاهن جي پٽ فنيحاس کي بہ، عبادتگاهہ جا ٿانو ۽ وڏي آواز واريون تُريون ڏيئي، انهن سان گڏ جنگ تي روانو ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 موسيٰ اليعزر ڪاهن جي پٽ فينحاس کي انهن سان گڏ جنگ تي موڪليو، جنهن عبادت‌گاهہ جا مخصوص ٿيل ٿانوَ ۽ اشاري ڏيڻ لاءِ توتارا پاڻ سان کنيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 31:6
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اورياہ دائود کي چيو تہ صندوق، ۽ اسرائيل، ۽ يهوداہ، تنبن ۾ ٿا رهن؛ ۽ منهنجو ڌڻي يوآب ۽ منهنجي ڌڻيءَ جا نوڪر کليل ميدان تي منزل ڪيو لٿا پيا آهن؛ تڏهن آءٌ پنهنجي گهر وڃي کاوان ۽ پيئان، ۽ پنهنجيءَ زال سان سمهان ڇا؟ تنهنجي سر جو، ۽ تنهنجي جان جو قسم آهي، تہ آءٌ اهو ڪم نہ ڪندس.


بن ابيسوع، بن فينحاس، بن اليعزر، بن هارون سردار ڪاهن:


انهي خيمي جو نمونو ۽ انهي جي ٻئي سامان جو نمونو، جيئن آءٌ توکي ڏيکاريان، تيئن ئي اوهين جوڙيو.


پر هو گستاخي ڪري جبل جي چوٽيءَ تي چڙهڻ لڳا: تڏهن بہ خداوند جي عهد جي صندوق، ۽ موسيٰ، منزلگاهہ کان ٻاهر نہ نڪتا.


سو هزارن اسرائيلين مان، هرهڪ قبيلي منجهان، هڪ هڪ هزار ملڻ ڪري، ٻارهن هزار هٿياربند ماڻهو جنگ جي لاءِ چونڊيا ويا.


۽ جيڪڏهن اوهين دشمنن جي ويجها وڃو، تڏهن ڪاهن ماڻهن وٽ وڃي انهن سان گفتگو ڪري،


۽ بني اسرائيل، بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسي جي اڌ فرقي ڏانهن، جلعاد جي ملڪ ۾ اليعزر ڪاهن جي پٽ فينحاس کي ڏياري موڪليو؛


۽ سائول اخياہ کي چيو تہ خدا جي صندوق کڻي اچ، ڇالاءِ جو خدا جي صندوق انهي وقت بني اسرائيل وٽ اُتي هئي.


۽ دائود کي خبر پيئي تہ سائول کيس نقصان پهچائڻ جي رٿ پيو ڪري: ۽ هن ابي ياتر ڪاهن کي چيو تہ افود کڻي اچ.


۽ جنهن خبر آندي هئي تنهن ورندي ڏيئي چيس، تہ اسرائيلي فلستين جي اڳيان ڀڄي ويا، ۽ ماڻهن ۾ وڏو ڪوس ٿيو آهي، ۽ تنهنجا ٻئي پٽ، حفني ۽ فينحاس بہ مري ويا آهن، ۽ خدا جي صندوق بہ جهلجي ويئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ