Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 31:54 - Sindhi Bible

54 ۽ موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن، انهن هزارن ۽ سوَن جي سردارن وارو سون کڻي جماعت واري تنبوءَ ۾ آندو، تہ اهو خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل جي لاءِ يادگار ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

54 سو موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن انهن سالارن کان اهو سون ورتو ۽ خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ کڻي آيا، تہ جيئن اهو خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل کي ياد رکڻ لاءِ هڪ نشان هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 31:54
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بن ابيسوع، بن فينحاس، بن اليعزر، بن هارون سردار ڪاهن:


اسان کي نہ، اي خداوند، اسان کي نہ، پر تون پنهنجي نالي کي جلال ڏي، پنهنجي رحم ۽ پنهنجي سچائيءَ جي خاطر.


اُهي تنهنجي وڏي ڀلائيءَ جي يادگيري ڪندا، ۽ تنهنجي راستبازيءَ جا گيت ڳائيندا؛


تنهنڪري اي خداوند، آءٌ قومن ۾ تنهنجا ٿورا مڃيندس، ۽ تنهنجي نالي جي تعريف ڳائيندس.


۽ تون اهي ٻئي پهڻ ايفود جي، ڪلهن وارين پٽين تي هڻج، تہ بني اسرائيل جي لاءِ يادگيريءَ جا پهڻ ٿين، ۽ هارون انهن جا نالا يادگيريءَ جي لاءِ پنهنجن ٻنهي ڪلهن تي کڻي خداوند جي حضور ۾ وڃي.


۽ تون بني اسرائيل کان ڪفاري جا پئسا وٺي، اهي جماعت واري تنبوءَ جي خدمت لاءِ مقرر ڪج؛ انهي لاءِ تہ اوهانجن ساهن جي ڪفاري لاءِ خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل جي واسطي يادگيريءَ جي نشاني هجي.


۽ اهو ڇٽ حليم، ۽ طوبياہ، ۽ يدعياہ، ۽ حين بن صفنياہ جي لاءِ خداوند جي هيڪل ۾ يادگار رهندو.


تہ بني اسرائيل جي يادگيريءَ لاءِ هڪڙو نشان ٿئي؛ انهي لاءِ تہ ڪوبہ ڌاريو ماڻهو، جو هارون جي نسل مان نہ هجي، سو خداوند جي حضور ۾ لوبان ساڙڻ لاءِ نہ اچي، تہ هن جو حال قورح ۽ سندس ٽوليءَ جهڙو نہ ٿئي؛ جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ جي معرفت هن کي فرمايو هو.


پوءِ ماني کڻي شڪر ڪري اُها ڀڳائين، ۽ هنن کي ڏيئي چيائين، تہ هيءُ منهنجو بدن آهي، جو اوهان لاءِ ڏنو ٿو وڃي، منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ئي ڪندا رهجو.


۽ هن ڏانهنس چتائي نهاريو، ۽ ڊڄي ڊڄي چيائين، تہ اي خداوند ڇا آهي؟ هن چيس تہ تنهنجون دعائون ۽ تنهنجون خيراتون خدا جي حضور ۾ قبول پيون آهن.


تڏهن اوهين انهن کي اهو جواب ڏجو تہ يردن جو پاڻي خداوند جي عهدنامي جي صندوق اڳيان ڇڄي ڌار ٿيو؛ ۽ اهي پٿر بني اسرائيل جي لاءِ هميشہ واسطي هڪڙي يادگاريءَ جي نشاني ٿي قائم رهندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ