Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 31:47 - Sindhi Bible

47 ۽ موسيٰ بني اسرائيل جي حصي مان، پنجاهہ پنجاهہ مان هڪڙو، يعني ماڻهن توڙي جانورن منجهان هڪڙو ڪڍي لاوين کي ڏنو، جن خداوند جي عبادتگاهہ جي نگهباني ٿي ڪئي؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي حڪم فرمايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

47 موسيٰ انهيءَ اڌ حصي مان هر پنجاهہ مان هڪڙو خواهہ قيدي ماڻهن مان خواهہ جانورن مان ڪڍي جيئن خداوند فرمايو هو تيئن لاوين کي ڏنو، جن خداوند جي مقدس خيمي جي سنڀال ٿي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 31:47
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند جا سڀ بندا، جي رات جو خداوند جي گهر ۾ ٿا بيهو، هاڻي خداوند کي مبارڪ چئو.


۽ بني اسرائيل وڃي ائين ئي ڪيو، يعني جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ ۽ هارون کي حڪم ڏنو هو، تهڙيءَ طرح هنن ڪيو.


پر لاوي پنهنجا تنبو شاهديءَ جي خيمي جي آس پاس هڻن؛ انهي لاءِ تہ بني اسرائيل جي جماعت تي غضب نازل نہ ٿئي، ۽ لاوي شاهديءَ جي خيمي جي نگهباني ڪن.


۽ بني اسرائيل واري اڌ حصي مان، پنجاهن پنجاهن مان هڪڙو، ماڻهن توڙي ڍورن، گڏهن توڙي ڌڻن منجهان، مطلب تہ هر قسم جي چوپائي مال مان هڪڙو ڪڍي لاوين کي ڏي، جي خداوند جي عبادتگاهہ جي نگهباني ٿا ڪن.


پوءِ لشڪر جا عملدار، جيڪي هزارن جا سردار ۽ سوَن جا سردار هئا، سي موسيٰ وٽ آيا.


۽ انهيءَ ڏينهن يشوع انهن کي جماعت جي لاءِ، ۽ خداوند جي قربانگاهہ لاءِ، ڪاٺين وڍيندڙ ۽ پاڻي ڀريندڙ مقرر ڪيو، ۽ اڄ ڏينهن تائين ائين ئي ٿيندو اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ