Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 31:41 - Sindhi Bible

41 ۽ اهو محصولي حصو، جو خداوند جي لاءِ کڻڻ واري قربانيءَ طور هو، سو موسيٰ اليعزر ڪاهن کي ڏنو، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

41 موسيٰ اليعزر ڪاهن کي اهو حصو خداوند جي خاص نذراني طور ڏنو، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 31:41
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بني اسرائيل وڃي ائين ئي ڪيو، يعني جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ ۽ هارون کي حڪم ڏنو هو، تهڙيءَ طرح هنن ڪيو.


پاڪ شيون جيڪي بني اسرائيل خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن، تن مان کڻڻ واريون قربانيون، مون تو کي ۽ تو سان گڏ تنهنجن پٽن ۽ تنهنجين ڌيئرن کي هميشہ جو حق ڪري ڏنيون آهن: اهو تنهنجي لاءِ ۽ توسان گڏ تنهنجي اولاد جي لاءِ، خداوند جي حضور ۾ هميشہ جي واسطي لوڻ جو عهد آهي.


۽ خداوند هارون کي فرمايو تہ ڏس، مون پنهنجون کڻڻ واريون قربانيون تنهنجي حوالي ڪيون آهن، يعني بني اسرائيل جون سڀ پاڪ شيون توکي ڏنيون اٿم: مسح ڪرڻ جي ڪري مون اهي تو کي، ۽ تنهنجن پٽن کي، هميشہ جو حق ڪري ڏنيون آهن.


۽ سورهن هزار انسان؛ جن مان خداوند جو حصو ٻٽيهہ ٿيو.


۽ بني اسرائيل جو اڌ حصو، جو موسيٰ جنگي ماڻهن کان ڌار ڪيو هو.


۽ هر ڪنهن شخص جي مخصوص ڪيل شيءِ بہ اُنهي جي ٿيندي: جيڪو بہ ماڻهو ڪا شيءِ ڪاهن کي ڏيندو سا انهي جي ٿيندي.


۽ بني اسرائيل جيڪي شيون مخصوص ڪري ڪاهن وٽ آڻين، تن مان هر ڪا کڻڻ واري قرباني انهي جي ٿيندي.


پنهنجي مسافريءَ لاءِ جهولي نہ کڻجو، ۽ نڪي ٻہ ڪوٽ، نڪي جُتي، نڪي لٺ؛ ڇالاءِ جو پورهيت پنهنجي کاڌي جو حقدار آهي.


پر جنهن کي ڪلام جي تعليم ٿي ملي، تنهن کي گهرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ شريڪ ڪري.


جيڪي بزرگ چڱيءَ طرح حڪم ٿا هلائين، خاص ڪري اُهي جي ڪلام ۽ تعليم جي ڪم ۾ محنت ٿا ڪن، سي ٻيڻيءَ عزت جا لائق سمجهڻ گهرجن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ