Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 31:30 - Sindhi Bible

30 ۽ بني اسرائيل واري اڌ حصي مان، پنجاهن پنجاهن مان هڪڙو، ماڻهن توڙي ڍورن، گڏهن توڙي ڌڻن منجهان، مطلب تہ هر قسم جي چوپائي مال مان هڪڙو ڪڍي لاوين کي ڏي، جي خداوند جي عبادتگاهہ جي نگهباني ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 باقي قوم واري اڌ حصي مان هر پنجاهہ مان هڪڙو خواهہ قيدي ماڻهن مان خواهہ ڍورن ڍڳن مان، گڏهن مان خواهہ رڍن ٻڪرين مان وٺي لاوين کي ڏي، جيڪي مون خداوند جي خيمي‌گاهہ جي سنڀال ٿا ڪن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 31:30
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند جي گهر جي خدمت جي لاءِ، جماعت جي تنبوءَ جي، ۽ پاڪ جاءِ جي حفاظت ڪن، ۽ پنهنجي ڀائرن، يعني بني هارون جي سنڀال ڪن.


هنن چوپائي مال جا تنبو بہ لٽيا، ۽ بيشمار رڍون ۽ اُٺ کڻي موٽي يروشلم ۾ آيا.


پر لاوي پنهنجا تنبو شاهديءَ جي خيمي جي آس پاس هڻن؛ انهي لاءِ تہ بني اسرائيل جي جماعت تي غضب نازل نہ ٿئي، ۽ لاوي شاهديءَ جي خيمي جي نگهباني ڪن.


۽ جماعت واري تنبوءَ ۾، عبادت جو خيمو، ۽ انهي جي مٿان جيڪو تنبو آهي سو، ۽ انهي جو ڍڪ، ۽ جماعت واري تنبوءَ جي در جو پردو، اهي بني جيرسون جي پٽن جي نگهبانيءَ هيٺ رهن؛


۽ صندوق، ۽ ميز، ۽ شمعدان، ۽ ٻئي قربانگاهون، ۽ پاڪ مڪان جا ٿانو، جيڪي عبادت جي ڪم ۾ ٿا اچن، ۽ پردو، ۽ انهي سان لاڳاپو رکندڙ سڀ ڪو ڪم انهن جي ذمي رهي.


۽ جيڪي جوان جنگ تي ويا هئا، تن کان تون خداوند جي لاءِ محصول اُڳاڙ: پنجن پنجن سون مان هڪڙو ساهوارو، جهڙو ماڻهن مان تهڙو ڍورن، گڏهن ۽ ڌڻن مان:


انهن جي اڌ حصي مان اهو وٺي، خداوند جي لاءِ کڻڻ واري قربانيءَ طور اليعزر ڪاهن کي ڏي.


سو موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


پر جماعت واري تنبوءَ ۾ پنهنجن ڀائرن سان گڏ نگهبانيءَ جو ڪم ڪندا رهن، ۽ ٻي ڪابہ خدمت نہ ڪن. سو جيڪي ڪم لاوين کي سونپيا ويا آهن، تن بابت تون ساڻن ائين ڪج.


اوهين پنهنجي ۽ اُنهي ساري ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن جو پاڪ روح اوهان کي نگهبان مقرر ڪيو آهي، ۽ خدا جي انهيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رهجو، جا هن خاص پنهنجي رت سان خريد ڪئي.


هاڻي مختيارن ۾ اها ڳالهہ ضروري آهي تہ هو ايماندار هجن.


۽ ارخپس کي چئجو تہ جيڪا خدمت خداوند ۾ توکي ملي آهي، انهيءَ ۾ هوشيار رهہ، انهيءَ کي پورو ڪر.


جيڪي اوهان جا اڳواڻ آهن، تن جا تابعدار ۽ فرمانبردار رهو: ڇالاءِ جو هو اوهانجن روحن جي فائدي لاءِ انهن وانگر سجاڳ ٿا رهن، جن کي حساب ڏيڻو پوندو؛ تان تہ هو اِهو ڪم خوشيءَ سان ڪن، نہ رنج سان، ڇالاءِ جو انهيءَ طرح اوهان کي ڪوبہ فائدو ڪونهي.


۽ انهيءَ ڏينهن يشوع انهن کي جماعت جي لاءِ، ۽ خداوند جي قربانگاهہ لاءِ، ڪاٺين وڍيندڙ ۽ پاڻي ڀريندڙ مقرر ڪيو، ۽ اڄ ڏينهن تائين ائين ئي ٿيندو اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ