Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 31:29 - Sindhi Bible

29 انهن جي اڌ حصي مان اهو وٺي، خداوند جي لاءِ کڻڻ واري قربانيءَ طور اليعزر ڪاهن کي ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 جنگي جوانن واري اڌ حصي مان اهي وٺي مون خداوند جي خاص نذراني طور اليعزر ڪاهن کي ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 31:29
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تون هارون ۽ سندس پٽن جي مخصوصيت واري گهٽي جو سينو، جيڪو قربانيءَ لاءِ لوڏيو وڃي، ۽ کڻڻ واري قربانيءَ جي دستي، جيڪا مٿي کنئي وڃي، تن کي مخصوص ڪج.


لاوين کي هيترو بہ وڌيڪ چئُہ تہ جڏهن اوهين بني اسرائيل کان ڏهون حصو وٺو، جو مون اوهان کي ورثو ڪري ڏنو آهي، تڏهن اوهين خداوند جي لاءِ کڻڻ جي قربانيءَ واسطي، انهيءَ ڏهين حصي جو ڏهون حصو پيش ڪجو.


انهي طرح جيڪي ڏهان حصا اوهان کي بني اسرائيل کان ملن، تن سڀني مان اوهين خداوند جي لاءِ کڻڻ جي قرباني ادا ڪجو؛ ۽ انهيءَ مان خداوند جي کڻڻ واري قرباني اوهين هارون ڪاهن کي ڏيندا رهجو.


۽ جيڪي جوان جنگ تي ويا هئا، تن کان تون خداوند جي لاءِ محصول اُڳاڙ: پنجن پنجن سون مان هڪڙو ساهوارو، جهڙو ماڻهن مان تهڙو ڍورن، گڏهن ۽ ڌڻن مان:


۽ بني اسرائيل واري اڌ حصي مان، پنجاهن پنجاهن مان هڪڙو، ماڻهن توڙي ڍورن، گڏهن توڙي ڌڻن منجهان، مطلب تہ هر قسم جي چوپائي مال مان هڪڙو ڪڍي لاوين کي ڏي، جي خداوند جي عبادتگاهہ جي نگهباني ٿا ڪن.


۽ اوهين، ۽ اوهان جا پٽ، ۽ اوهان جون ڌيون، ۽ اوهان جا غلام، ۽ اوهان جون ٻانهيون، ۽ لاوي، جن کي اوهان سان گڏ حصو يا ورثو نہ ملڻ ڪري، اوهان جي گهرن ۾ رهندا هجن، سي سڀ گڏجي خوشيون ڪجو.


۽ تون خبردار رهج، ۽ جيسين تون انهي ملڪ ۾ جيئرو رهين، تيسين لاوين کي وساري نہ ڇڏج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ