22 پوءِ سون، رُپو، پتل، لوهہ، قلعي، شيهو،
22 سون، چاندي، پتل، لوهہ، قلعي، شيهو
ضلهہ کي توبل قائن ڄائو، جو پتل ۽ لوهہ جا سڀ تيز هٿيار ٺاهيندڙ هو: ۽ توبل قائن جي ڀيڻ نعمہ هئي.
لوهہ زمين مان ڪڍندا آهن، ۽ پتل پٿرن مان پگهاري ڪڍن ٿا.
تڏهن موسيٰ، ۽ اليعزر ڪاهن، ۽ جماعت جا سڀ سردار، هنن جي استقبال لاءِ منزل گاهہ کان ٻاهر آيا.
جيڪي ماڻهو جنگ تي ويا هئا، تن کي اليعزر ڪاهن چيو تہ اهو شريعت جو قانون آهي، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو:
۽ ٻي سڀڪا شيءِ، جا باهہ ۾ وجهي سگهجي، تنهن کي اوهين باهہ مان لنگهايو، پوءِ اهي پاڪ ٿينديون؛ انهي هوندي بہ اهي ناپاڪي لاهڻ واري پاڻيءَ سان پاڪ ڪيون وڃن: ۽ جيڪي شيون باهہ ۾ وجهي نٿيون سگهجن، تن سڀني کي اوهين پاڻيءَ مان لنگهائجو.
پر سڀ روپو، سون، ۽ پتل ۽ لوهہ جا ٿانوَ، خداوند جي لاءِ خاص طرح پاڪ ٿيل آهن: اُهي خداوند جي خزاني ۾ ايندا.
فقط چوپايو مال، ۽ لٽ جو مال، جو انهيءَ شهر مان هٿ آيو، سو اسرائيل پنهنجي لاءِ غنيمت ڄاڻي رکيو، جهڙيءَ طرح خداوند يشوع کي حڪم ڏنو هو.