18 پر جي ڇوڪريون مڙس سان نہ سُتيون آهن، تن کي پنهنجي لاءِ جيئرو ڇڏيو.
18 پر انهن سڀني ڇوڪرين کي پنهنجي لاءِ جيئرو ڇڏيو جيڪي ڪنواريون آهن.
۽ ماڻهو انهن کي وٺي پنهنجي جاءِ تي آڻيندا: ۽ اسرائيل جو گهراڻو خداوند جي زمين ۾ انهن جو مالڪ ٿي انهن کي ٻانها ۽ ٻانهيون ڪري رکندو: ۽ جن جا هو قيدي هئا تن کي هو قيد ڪندا؛ ۽ انهن تي حڪم هلائيندا جي مٿن ظلم ڪندا هئا.
باقي جيڪڏهن اوهين غلام ۽ ٻانهيون رکو، تہ جيڪي قومون اوهان جي آس پاس رهن ٿيون، تن مان اوهين غلام ۽ ٻانهيون خريد ڪجو.
تنهنڪري ٻارن مان سڀني ڇوڪرن کي، ۽ سڀيئي زالون جي مڙس سان گڏ سُتيون آهن، تن کي ماري ڇڏيو.
۽ اوهين ست ڏينهن منزلگاهہ کان ٻاهر رهو: اوهان مان جنهن، ڪنهن ماڻهوءَ کي ماريو هجي، يا جنهن، ڪنهن مئل ماڻهوءَ کي هٿ لاتو هجي، سو پاڻ کي، ۽ پنهنجن قيدين کي، ٽئين ڏينهن ۽ ستين ڏينهن پاڪ ڪري.
پر زالون، ۽ ٻار، ۽ ڍور ۽ ٻيو جيڪي بہ شهر ۾ هجي، يعني انهي جو سمورو لٽ جو مال، تون پنهنجي لاءِ رکج؛ ۽ تنهنجن دشمنن جي لٽ جو مال، جو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي، سو تون ڀلي کائج.